مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

يار جو اڄ يار کي : معراج النبيﷺ

[b] طرز: رفتہ رفتہ وہ میرے ہستی کا سامان ہوگیا۔[/b]

يار جو اڄ يار کي، ديدار، ٿيو اڄ روبرو.
هي ڏنس جڳ هُو ڏنس، وهنوار، ٿيو اڄ روبرو

لک لک هُيو پردن اندر، پردن مان نڪري آ پيو،
سو پرين پرور اچي پڳدار، ٿيو اڄ روبرو.

جنهن جي تجلّي طور کي، سرمو ڪري ساڙي ڇڏيو،
نور اڳيان نور اڄ نروار، ٿيو اڄ روبرو.

ڳُجھ هيو اڄ ڳُجھ سندو، ڳُجھ ۾ ٿيون ڳالهيون ڳُجھ سنديون،
عشق جو اڄ عرش تي اظهار، ٿيو اڄ روبرو.

خاڪ جو چولو کڻي، ٿيو “عبد” جي اولي اندر،
سِر کڻي سنسار ۾سردار، ٿيو اڄ روبرو.

جنهن ڏٺو توکي برابر، ڄاڻ تنهن مونکي ڏٺو،
“احد” “احمد” جو ادا اسرار، ٿيو اڄ روبرو.

جنهن جهلي دامن دنيا ۾، دلربا دلدار جي،
بخشجي ويندو اهو اقرار، ٿيو اڄ روبرو.

“وسيم” ڄاڻي ڪونه ٿو، معراج مخفي مام کي،
پي “ميم” جي ميخان مان مئخوار، ٿيو اڄ روبرو.