مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

پئي دل پڪاري : نعت رسول مقبولﷺ

پئي دل پڪاري، مدينو مدينو،
خدا شل ڏيکاري مدينو مدينو.

پئي روز طلبي، هي دربار دلڙي،
ويهان ڪيئن وساري، مدينو مدينو،

ادب ۾ شهر ٿا، سڀئي سر جهڪائن،
ڇڏيو ربّﷻ اجاري مدينو مدينو.

جيڪي ٿا مديني کي، سارين سدائين،
تنهين کي ٿو ساري، مدينو مدينو،

صبح شام خادم، آ جبرئيل جنهن جو،
اکين سان ٻهاري، مدينو مدينو،

خدا پاڻ تنهن کي، ڌڪاري ڇڏي ٿو،
جنهين کي ڌڪاري، مدينو مدينو،

ڏسان روبرو مَن، محمدﷺ جو روضو،
يڪو دل کي ٺاري، مدينو مدينو،

“وسيم” منهنجي سامهون، هجي تنهن گهڙي شل،
جڏهن موت ماري، مدينو مدينو،