مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

تنهنجي چهري کي چوان : نعت رسول مقبولﷺ

تنهنجي چهري کي چوان، ڇا چوان قرآن چوان،
تنهنجي جلون تي سڄو پيو هلي جهان چوان،

تنهنجو اسم جنهن زبان تي آيو ذڪر ٿي پيو،
هو نه قطرو اهو صحرا مان، سمندر ٿي پيو،
تنهنجي در جو، جو گدا، تنهن کي مان سلطان چوان،

وسي هر جاءَ اِهو رک ياد “محمدﷺ” آهي،
سڄي دنيا جوئي بنياد “محمدﷺ” آهي،
رکي ايمان پڪو رَبَّ جي ٿو پهچان چوان،

زندگي پنهنجي تنهنجي در تي گذاري، جنهن آ،
پڙهي درود پنهنجي دلڙي اجاري، جنهن آ،
تنهنجي محبت ۾ مڪمل، اهو انسان چوان،

توتان صديق، عمر ۽ سڀئي اصحابr فدا،
توتان ڪُل مسجدون، منبر مڙئي محراب فدا،
تنهنجي ئي ذات تي، ڪعبي کي ٿو قربان چوان،

توتان قربان هزارين هلي حبشي، ٿي ويا،
تنهنجو ٻڌنديئي ڏيئي سر سي اويسي ٿي ويا،
تنهنجي در جو آهي، جبرئيل ٿو دربان چوان،

نڪي ڌن مال نڪي ظاهري ٿو زرّ گهرجي،
مونکي محبوب “محمدﷺ” تنهنجوئي در گهرجي،
ڪڏهن “وسيم” ٿئي در تنهنجي مهمان چوان،