اسان پنهنجو حالِ دل توکي : ڪافي
کڻي دنيا تان دل توسان، لڳايوسين _ ته گنج ٿي ويا،
ساري لڄپال پنهنجي کي، وساري حال پنهنجي کي،
گهٽي ۾ خيال پنهنجي کي، گهمايوسين _ ته گنج ٿي ويا.
ٻُڌوسين ڪنهن نه طعني کي، ڏيئي دعائون زماني کي،
سو پنهنجي غريب خاني کي، سجايوسين _ ته گنج ٿي ويا.
رکيوسين ذوق نه زرّ جو، اميراڻين نه ڪنهن گهر جو،
ڪُتو تو دلبربا در جو، سڏايوسين _ ته گنج ٿي ويا.
ناهي ڪو ڀروسو جڳ تي، اوهان جو آسرو اڳ تي،
دل کي دلربا دڳ تي، وڇايوسين _ ته گنج ٿي ويا.
نه هو آرام ڪو من ۾، لکن ۽ يار پدمن ۾،
ڪنڌ تو يار قدمن ۾، جهڪايوسين _ ته گنج ٿي ويا.
“وسيم” نه پاڪ پاڪن ۾، نڪي نالو اوطاقن ۾،
اسم پنهنجو عشاقن ۾، لکايوسين _ ته گنج ٿي ويا.