تو محب ڪيا مستان الڳ : ڪافي
تو محب ڪيا مستان الڳ،
حيوان الڳ انسان الڳ.
توکي شام صبح سي پڪارين ٿا،
صلوٰت پڙهي سي سارين ٿا،
تنهنجي در تي گدا ٿي گذارين ٿا،
سردار سخي سلطان الڳ.
تنهنجي در خوشيون خيرات ٿين،
هر ڏينهن ٿين هر رات ٿين،
ٿا تن جا بلند درجات ٿين،
ڏين ٿو دين الڳ ۽ دان الڳ.
تنهنجي چهري جي، چمڪار عجب،
تنهنجي زلفن جي هٻڪار عجب،
تنهنجي دلبر آ، دستار عجب،
جنهن ۾ چمڪن چنڊ مرجان الڳ.
ڇا پرکيان راز ربّاني آ،
تنهنجي نالي ۾ نور نوراني آ،
توتي محب دنيا ديواني آ،
هي زمين الڳ آسمان الڳ.
تنهنجي صاف ثناءَ سبحان ڪري،
۽ جنُّ ملڪ انسان ڪري،
هي “وسيم” ڀلا ڇا بيان ڪري،
توتي محب لٿو قرآن الڳ.