مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

سڄو نرمل نور : نعت رسول مقبولﷺ

[b] طرز: دامن لگي آن مولا....[/b]

سڄو نرمل نور، منهنجو آهي حضورﷺ.
ناهي دم هو دور، منهنجو آهي حضورﷺ.
پاڻهي رکندو خيال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........

سڄي لوڪ ڏٺو هان، مان ته عيب چٽو هان.
منهنجو حاضر حال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........

آ امام نبيّن جوﷺ، والي آهي سڀن جو.
سو لهندو سار سنڀال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........

ازلون دلڙي اڙي آ، اکر چار پڙهي آ.
“ميم” “ح” “ميم” “دال”، ٻئي جي ڪرنه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........

گوندر گهوٽ گهڙي آ، آيو موت چڙهي آ.
لڙي اچ لڄپال، ٻئي جي ڪرنه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........


ڳالھ جنهن جي ڳري آ، جنهن لئه خلق چري آ.
تنهن جو ناهي مثال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........

منهنجي محبوبن جي، “وسيم” تنهن جي حُسن جي.
گهر گهر ڌوم ڌمال، ٻئي جي ڪر نه تون ڳالھ.
منهنجو آهي حضورﷺ.........