مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

رَبَّﷻ پاڻ ملهايو آ : نعت رسول مقبولﷺ

[b] طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.[/b]

رَبَّﷻ پاڻ ملهايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،
قرآن ۾ آيو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

سڄو فرش آ رونق ۾، سڄو عرش آ رونق ۾،
جبرئيل سجايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

يثرب ۽ مڪو مُرڪيو، جڳ آهي سڄو جِرڪيو،
ڪونين تي ڇايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

خوش خوب هي ديدون ٿيون، محبوب سان عيدون ٿيون،
رنگ واه جو لايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

ٿر بر ۾ بهاريون ٿيون، گهر گهر ۾ بهاريون ٿيون،
واحد ڇا وڌايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،

“وسيم” صلوٰتون پڙھ، ويهي نينهن مان نعتون پڙھ،
توتي فرض سوايو آ، ميلاد “محمدﷺ” جو،