مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

پرينءَ جي قدمن جي : نعت رسول مقبولﷺ

[b] طرز: نه جوڙ ٽوڙيو اسان ٻنهين جو... [/b]

پرينءَ جي قدمن جي هيٺان ڪک تنهن ڪک جي قسمت ڀلي ڀلي آ،
نبي جي نقشِ قدم تي هلندڙ صديق ٿيو ڪو علي علي آ،

اسان کي آهي يقين يارو، اسان جو ٿيندو سڄڻ سهارو،
اسان کي مدني سان آ محبت، اسان جو دلبر دلي دلي آ.

گُهريو“محمّدﷺ” جڏهن جنهين کي، ملي ولايت تڏهن تنهين کي،
جي بنا “محمّدِﷺ” خدا ڪرِين ٿو، اِها عبادت ٺلهي ٺلهي آ.

سڄي دنيا کان منهڙو لاڙي، اڄ خيال پهتو اوهان جي پاڙي،
منهنجي هٿن ۾ پرين آ ڪاسو، ڏسان پيو تنهنجي گلي گلي آ.

درود دل سان “صلوٰة” پڙهندي سلام ڏينهن ۽ رات پڙهندي،
فنا ٿي آقا جي عشق ۾ پوءَ، وڃي سو ٿيندو ولي ولي آ.

“وسيم” جي اک ڀلا ڀني آ، سڄي دنيا هِن ڇڏيو ڇني آ،
ادب ۾ عاجز جو عرض آهي، حضور هاڻي هلي هلي آ.