مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

“محمدي” در جنهين جو آ : نعت رسول مقبولﷺ

“محمدي” در جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.
مدينو گهر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

“ربّي” جلوا ڏيکاريا پئي، لٿل سجڙا اڀاريا پئي،
اهو گوهر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

ڪِريل ڪيئي اٿاري ٿو، ٻُڏل ٻيڙا اُڪاري ٿو،
اِهيو ميهر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

سڏڻ سان سڏ ڏئي جيڪو، اچي حامي ٿئي جيڪو،
اِهو رهبر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

ڏسي چهرو پيئن جيڪي، پسي جلوا جيئن جيڪي،
ساقي ڪوثر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.

“وسيم” هر هڪ فدا ٿي پيو ڏسي، عاشق خدا ٿي پيو،
اِهو دلبر جنهين جو آ، تنهين جي پُٺ سگهي آهي.