مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

محمدﷺ نور نِرواري : نعت رسول مقبولﷺ

[b]طرز: مٺو نالو محمدﷺ جو وٺڻ سان دل ٺري ٿي پئي.[/b]


محمدﷺ نور نِرواري، سبحان اللهﷻسبحان اللهﷻ،
قيامت تائين هوندو جاري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

بلند رتبو الڳ تنهنجو، هجڻ آدم کان اڳ تنهنجو،
چوان سردار سؤ واري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

خداﷻ قرآن کي لاٿو، پرين تنهنجي شان ۾ لاٿو،
ٿيو چؤ طرف چوڌاري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

سڄڻ تنهنجي زندگي ڇا ڇا، بلند وري بندگي ڇا ڇا،
يتيمن سان تنهنجي ياري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

پرين توکي پسڻ کان اڳ، اويسي ٿيا ڏسڻ کان اڳ،
ڪيَن صدقو عمر ساري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،

نبيءَ جون نور نعتون پڙھ، صبح سانجهي صلواتون پڙھ،
“وسيم” رک ورد لک واري، سبحان اللهﷻ سبحان اللهﷻ،