مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

اللهﷻ جو اڄ ڪيڏو نه احسان ٿيو آ : نعت رسول مقبولﷺ

[b] طرز: جا جا کے کہیں مِنت فریاد کروگے۔[/b]

اللهﷻ جو اڄ ڪيڏو نه احسان ٿيو آ،
محبوب اچي اڱڻ تي، مهمان ٿيو آ.

گل ڦل مان ڇٽايان ۽ وڇايان هي اکيون ٻئي،
اللهﷻ گنهگار تي اڄ، ايڏي عطا ڪئي،
مالڪ کي ڪيان سجدا، مهربان ٿيو آ.

چنڊ تارا جهڪيا، ۽ سڄو جڳ ساڻ جهڪي پيو،
جبرئيل ٻڌي هٿ ادب ۾، پاڻ جهڪي پيو،
ڏسي شان کي اُت، هر نبي حيران ٿيو آ.

محبوب سندي شان تي، تڪرار ڪيو جنهن،
نرمل نبي جي نور جو، انڪار ڪيو جنهن،
ابليس تڙيل ڇا چوان، شيطان ٿيو آ.

سج واپس يا ويل وقت ورائي سو “محمدﷺ”،
چنڊ کي ڀي جي قدمن ۾، گهرائي سو “محمدﷺ”،
محبوب جو جنهن شيءِ کي ڀي فرمان ٿيو آ.

“وسيم” جي هر شعر جو آ شان “محمدﷺ”،
عاشق جو آهي ڪعبو ۽ قرآن “محمدﷺ”،
ثناگر چوان “سيّد” جو سبحان ٿيو آ.