تنهن کي لوڏي ڇا هوا : نعت رسول مقبولﷺ
تنهن کي لوڏي ڇا هوا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ”جو،
هٿ اچي ڏي ٿو خدا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
ڪافرن قهر پي ڪيا، چميو بلال چوي،
ظلم ڇا زهر ڪندا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
تنهن کي تڪليف نه، تڪليف رسائي ٿي سگهي،
درد ٿي پئي ٿو دوا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
جن کي دنيا جو هو هٿ، سي گهڻا رلندي ڏٺم،
سي نه ڏکيا مون ڏٺا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
ڪيئي تارؤن ويا ٻڏي، دؤر درياءَ جي اندر،
سي اڻ تريا ڀي ٿي تريا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
وار ٿيندو نه وِنگو، توڙي دوزخ ۾ هجن،
مچ ڪندا سي ئي ٿڌا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
مون کي ڇڏ مان ته ٺهيو، عيسيٰ، آدم ٿو چوي،
ڀاڳ ٿئي تن جا ڀلا، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو،
“وسيم” هٿ جنهين جا ٻئي اٿئي، پنهنجي حضور جي هٿ،
هٿ نه تن جا ٿئي ٺهلاءَ، جنهن تي هٿ “محمدﷺ” جو.