مذهب

عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

ڪتاب ”عشق جون آهون“ اوهان اڳيان پيش آهي. نعتيه شاعري، حمد، مولودن، مداحن ۽ ڪافين تي مشتمل هن ڪتاب جو ثناء گو صوفي شاعر وسيم احمد ٽالپر جڏهن ته سنواريندڙ عاجز رحمت الله لاشاري آهي. هي ڪتاب 2017ع ۾ سنڌ سُگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات) پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون سائين عاجز رحمت الله لاشاريءَ جا جنهن ڪتاب موڪلي سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
Title Cover of book عشق جون آهون (حمد، مولود، مداحون ۽ ڪافيون)

اي عرش ٻُڌاءَ ٿورو : معراج النبيﷺ

[b]طرز: خوش ٿي، خوش ٿي، خوش ٿي حبدار حبيبن جا.[/b]


اي عرش ٻُڌاءَ ٿورو توتي گهوٽ گهميو ڪيئن هو؟
تنهن ويل ادب مان تو نعلين چميو ڪيئن هو؟

چهري کي تڪيو هوندئي نوڙت سان جهڪيو هوندين،
سالن جون سِڪُون لاٿئي صدين کان سِڪَيو هوندين،
پُر نور ٿي پلڪن سان پڳدار پسيو ڪيئن هو؟

تو شڪر ڪيو هوندو صلواتون پڙهيون هونديون،
تو شانِ محمدﷺ ۾ ڪي نعتون پڙهيون هونديون،
سو ورد ڀلا ڏَس تون چپڙن سان چيو ڪيئن هو؟

تو ۾ شمس و قمر تارا تنهنجو حال هيو هيڻو،
سرڪار ڪيو ڦيرو تنهنجو نور ٿيو ٻيڻو،
عبرت ۾ آهين اڄ ڀي اِهو ڀال ٿيو ڪيئن هو؟

نه رات رجب وسري نه ماھ رجب وسري،
آ “وسيم” محمدﷺ جو مون کان نه ادب وسري،
هِن شمس و قمر سجدو شجرن ڀي ڪيو ڪيئن هو؟