وقت جي ايش ٽري ۾...!!
دُونهن بڻجي سنڌوءَ مان
اُڏي ڌوڙ پئي
وقت جي ايش ٽري ۾
صدين کان وٺي
گڏ اُميدن جي رک آهي ٿيندي رهي
ڏاڍ جي تيز ڏاٺن آ ڏاڙهي ڇڏيو
ست دل جي سڪُونن جي
هر صُبح جو
تازگيءَ جو تصور ڄمي ئي نٿو
چاهتن کي ٻکي ڪو چُمي ئي نٿو
هر قصو ڄڻ ڪا تازي
قبر ٿو لڳي
زخمي، چچريل، وڍيل ڪو
اندر ٿو لڳي
رَت پيو ٿو ٽمي ٽهڪ جي ٽار مان
سوڳ سُڏڪيو اُٿن لڙڪن جي لار مان
انتظاريون اکين ۾ اُجهاميو ٻرن
سال گذريا صديون
تڙپ جي تکّ ۾
وحشتون دهشتون
واٽ ۽ وکّ ۾
هت قتل ٿو ٿئي آس ۽ آسرو
ڀاڳ لُٽجو وڃي پيار کان بانورو
سار جون سانجهڙيون
سرد ٿينديون وڃن
ظلم جي زهر ۾ زرد چهرا لُڇن
چهڪ چيري اچي هانءَ ۾ ٿا کُپن
ڄڻ خدائيءَ جو ڪوئي تصور نه آ
قُرب جو سارو ڪعبو ڀي آهي ڊٺل
ڪابه آباد آزاد نگري نه آ
مُحبتن جي وئي مسجد ٿي ويران آ
ڪٿ به پوڄا نه گوتم جو ئي گيان آ
رهزني روح کي
آ روئاڙيو گهڻو
ذلتن جي ضعيفيءَ ۾ انسان آ
نفرتن جا اڃا نيڻ جاڳن پيا
ماٺ مڪليءَ جيئان ڇائجي آوئي
عشق آوارگيءَ جي
رُلن رُڃ ۾
سونهن جا سلسلا
پيا سڙن سُڃ ۾
درد درياهه بڻجي ڇُلي ٿا پون
سچ جي سنڌ ڏي ڪو
لڙي ئي نٿو
چنڊ ڪو ڀي گگن تي
چڙهي ئي نٿو
قهر جا کوڙ ڪارا رُلن، پيا ڪڪر
سڀ ساڻا لڳن زندگيءَ جا پهر
لاٽ هرڪا لُڇي ٿي وئي لاش آ
بارشن ۾ ڀنل دل جو آڪاش آ
رات تارن کي جڏهن رُئاڙيو پئي
مون ته تولئه رڳو بس نهاريو پئي
ساهه منهنجو سِڪي ۽
ڏُکي آ پيو
سج سگريٽ وانگي دُکي آ پيو..!!!