ڪويءَ جي ڪٿا...
هاءِ غريبيءَ ڪيڏو گهايو
مانيءَ جي هڪ ويلي ڪارڻ
رُسوائين آ خوب رُلايو
هُن جي احساسن جي اُڀ مان
نظمن جھڙا نيڻ رُنا هن
هُن جي ڀاڳن جي بستيءَ کان
سُک جا سارا سيڻ ڇنا هن
اڄ سو شهر جي چوراهي تي
سودي سان گڏ ڏات جا ٻاريل
گاڏي تي پيو گيت کپائي
بُک جي آڏو بيوس بڻجي
ٽيڙن جھڙا ٽهڪ وڃائي
ويٺو هر هر واڪ لڳائي
بيت نه پيٽ ڀري سگهيا هن
خالي شُهرت ڪَرب بڻي آ
لُڙڪن سان هر رات ڇڻي آ
ڪالهه سچل جان سرمستيءَ ۾
ڪيڏا سچ لکي ويو سٽ ۾
جنهن جي غزلن جا گهاڙيٽا
ڄڻ ته شهيدن جا رت ريٽا
ڪو ڀي تن جو مُلهه نه ٿيو آ
سوچن ۾ ڀي هُل نه ٿيو آ
ها پر هُن جا هوڪا جاڳن
ڪو نه ٿا رستا رُلندي ٿڪجن
هُن جو هرهڪ سڏ ۽ وائي
ڄڻ ته طنبوري ساڻ ڀٽائي
پوءَ به ڏُکن جي ڏاڙهيل ڏيهه ۾
لڱ اُنهيءَ جا غُربت لُڻيا
هُن جا نغما سنڌ نه سُڻيا
۽ نه وري گهرجي ڇت بڻيا
ڏينهن سڄو سو ڏُک ۾ ڏرجي
پيڙائُن ۾ روز پگهرجي
پورهيئي مان چند پئسا ميڙي
گهر جي چُلهه اُجهاڻيل ڏي آ
موٽيو مُرڪ چپن تي ٽيڙي
ڪوتا جا سڀ خواب اُکيڙي!