منهنجا سپنا سنڌ اٿئي...!
مُنهنجا سپنا سنڌ اٿئي،
گَھلي گهاٽ مٿي جي آندئي،
سي سڀ مُنهنجا ڪنڌ اٿئي!
ڇا ته ٽنگيندين ٽياسن تي تون!؟
ڌرتيءَ جي هن آڪاسن کي،
سُور به جن کان سُڏڪيو سهڪن،
تن ارڏن جي ايمانن کي-
زنجيرن سان زرد ڪندين ڇا!؟
گهاڻن ۾ ڀل گهيرائي ڏس،
مخدومن جان مُرڪي ملبو،
پيرن کان ئي پيڙائي ڏس!
تحريُرن ۾ تڙپ اُٿي آ،
گُهوڙن جي ٽاپولين وانگي،
مُنهنجا نغما نعرا بڻجي،
ڇال هڻن ٿا ڇولين وانگي.
تُنهنجي وس ۾ رَت جا ريلا،
روز وهائين ٿو رستن تي،
مُنهنجون سوچون سنڌوءَ ڌارا،
ڪونه ٿيون رُڪجن ڪنهن ڀي ڪُن تي.
آزاديءَ جي جهنڊي کي ڏس!
روز هوائُون چُمنديون آهن،
ويساهه جا ڪئين ورد وڇائي،
خوب وفائُون جُهڪنديون آهن.
هوءَ جا جهيڻي لاٽ ٻري پئي،
روز جهڳيءَ مان جهاتيون پائي،
رهڻي هت ڪا، رات نه آهي،
گيت اُجالن جا پئي ڳائي.