ستارن جا سُڏڪا...
ڀنل رات جي بي رُخيءَ ۾ اڪيلا
تڳي تڙپ جي تلخين ۾ مُئاسين
ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين.!
وڻن جي بدن تان ڇڻيل ٻُور وانگي
سُکئي ساهه ۾ ڄڻ سبيل سُور وانگي
ڪڏهن قُرب جي ڪاڪ مُرڪي نه ماڻي
رُڃن ۾ رڙيو روح بي نُور وانگي
دُکي درد سگريٽ وانگي سڙياسين
ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!
ڦڳُڻ جي ڦُلن جان ٽڙيا ڪونه آهيون
خوشين کيت بڻجي کڙيا ڪونه آهيون
پراڻين مزارن جي ڪَتبن جيئان بس
ٽٽل ٽهڪ دل جا، جُڙيا ڪونه آهيون
وڇوڙن جي واٽن تي وکري وياسين
ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!
رهيون ڀاڪرن ۾ ڀَريل بيقراريون
اکين ۾ اُڀيون هن اڃا انتظاريون
چُڀيون کوڙ چٿرون ڏئي چهڪ تازا
اسان وقت جون کوڙ طنزون وساريون
تنهائين جي تاريخ بڻجي لُڇياسين
ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!
وفائُن جا لاشا ويا بي ڪفن ٿي
انڌيرن جي بازار ۾ بي وطن ٿي
سوين راحتن جا ڀي رشتا رُنا هن
نه پرچي سگهيا پيار جو ڪو وچن ٿي
ڳلن تان ڳڙيل لُڙڪ وانگي لڙياسين
ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!
نه من ۾ ڪي مُحبت جا نغما نچيا هن
مُئل حسرتن جا هينئيان تڙپيا هن
قتل عشق جا سارا احساس ٿيا هن
لڱن ۾ ڪنڊا ٻاٻري ڄڻ ٽنبيا هن
اُداسين جي ئي المين ۾ ڊٺاسين
ورهين کان وساميل ڏيئي جان رهياسين!