مقتلن جي مٽي...
اسان مقتلن جي مٽيءَ کي چُميو آ
غلاميءَ جا پيرا هينئين تان هٽائي
اسان غيرتن جي گهٽيءَ کي چُميو آ
اڃا جاڳ جذبن مان ناهي گهٽي ڪا
ستارن جيڏي سوچ پنهنجي رکون ٿا
اُميدن جي اڻ کُٽ موسم ۾ مُرڪي
سوين گيت سچ جي سفر تي لکون ٿا
مڃون ٿا اوهانجي هٿن ۾ هزارين
قلم ڪوڙ جا ڪارا ڪُڏندا رهن ٿا
۽ فتويٰ جا ڦندا به لُڏندا رهن ٿا
سوين دارا، سرمد سمهاري ڇڏيو ٿا
لڪي مذهبن جي ته محراب اندر
ڪئين قُرب جا ڪعبه ڊاهي ڇڏيو ٿا
اوهان منصفو ٿيا ڪفر جي قصي جا
اسان سڀ لطيفي لهر جي حصي جا
اوهانجي هٿن ۾ هي تسبيح جا داڻا
وڌن ٿا رڳو آڱرين کي وڍڻ لئه
وضيفن تي قُرآن وڪڻي ڇڏيو ٿا
عبادت ۽ ايمان وڪڻي ڇڏيو ٿا
اوهانجو نه انسانيت سان ڪو رشتو
اسان ڪونه ڄاڻون کڻي اهڙو ڪشتو
اسان ۾ اوهان ۾ فرق آ فڪر جو
ڀٽائيءَ بلاشاهه، سچل جي ذڪر جو
اوهان وٽ حديثون بمن ۾ ڀُرن ٿيون
کڻي ماس ٽڪرا اُڀن ڏي اُڏن ٿيون
خدا جي به گهر ۾ ٿي گوليون وسن ٿيون
هوائُون به رت ساڻ رڱجي وڃن ٿيون
اوهان آيتن سان قتل ڪئين ڪيو ٿا
سڄي ماٺ ۾ سونهن ساڙي ڇڏيو ٿا
اسان عشق آدم سان ئي بس ڪيو آ
ڏيئو راهه اونداهه ۾ ٻاري رکيو آ
اسان پنهنجي تحرير جي تبصرن ۾
سدائين ڪئي وارثي آ وطن جي
سبيل ڳالهه سا هن ۾ اجرڪ ڪفن جي
اسان عاشقيءَ جي اکين جا مُسافر
سوين مُحبتن جا ٿا معراج ماڻيون
سنڀالي رکون ٿا سنجها جا سنيها
پرهه جي پگهر مان ٿا خوشبوءَ کي ڇاڻيون
اسان سرد احساس جي سختين سان
ڪرڻ گنبزن ۾ گُناهه ڪون ڄاڻون
ثوابن جي لاءِ نه سجدا وڇايون
ڪليسا ۽ مسجد رکون هڪ ئي من ۾
اسان مندرن ۾ خُدا کي ڏٺو آ
اگهيل آس دل جي صدا کي ڏٺو آ
اسانجي نه سرحد، اڀيچند اسانجو
اسان مُرڪ ميران جي ماڻي ڏٺي آ
اڃا سڪ ۾ سرجن ڪبيرا ٿا ڪيئي
اسان ڪونه توريو آ پنهنجي وزن کي
هندو يا ته مسلم جي تارازين ۾
اسانجون اُڏارون ٿيون آڪاش بڻجن
وفائن ۾ وهنجي ٿيون وشواس بڻجن
اسان پنڌ پنهنجو پُڄايون پيا ٿا
پتڻ، پاڻياريءَ مٽن کان پُڇي ڏس
اڃا آر دل جو اُهو ئي اوجاڳيل
ڀلي مڇ مانگر گهٽن کان پُڇي ڏس
اسانجي بدن ۾ مهڪ آ مٽيءَ جي
موهن جي دڙي جي ڀٽن کان پُڇي ڏس
اڃا ساک جو آهي سينو سلامت
اچي سنڌ جي هن پٽن کان پُڇي ڏس!