هاءِ! بتيلن ڀاڳ اُجھاڻا...!!
سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي
ڪٿ ڀي ڇوليءَ ڇُلڪو ناهي
ڌوڙ اُڏامي روز درياهه مان
هاءِ! بتيلن ڀاڳ اُجهاڻا
کيت خوشين جا ساڻا ساڻا
ڪالهه جواني جر تي جهومي
اڄ سا سهندي سُور جُهڪي وئي
سنڌؤَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي
دهشت ڀريا جنهن جا ڌڌڪا
لُڙ جون لهرون ڪُن جا ڪڙڪا
ڌارائن سان دل ٿي ڌڙڪي
من مُهاڻن ڇلر ڇٽيا ٿي
اڄ ته پلو ڇا، پاڻي ناهي
سوڪ ڪنارن تي آ ٽڪي وئي
سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي
ڏس ته ڪنڌيءَ تان سُڪل ڪنڊيءَ مان
ڪيڏو درد ڇڻيو آ اُڃ جو
واريءَ تي واچوڙا وکرن
ساٿ مليو آ اهڙو سُڃ جو
سالن کان ڪا سَٽيل سازش
بُک جي بر ڏي نيٺ ڌڪي وئي
سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي
تُرخانن جا تِير سَٺا تو
خِلجين تُنهنجو خون وهايو
تاتارين جي تلخ رُتن مان
ترندي سُونهن کي ساهه ڏنو تو
اڄ تون اکڙين کان ڇو اوجهل!؟
ويساهه - گهاتين ساڻ وڪي وئي
سنڌوءَ سان گڏ سِنڌ سُڪي وئي
حال سنڌوءَ جا سُڏڪا ٻُڌندي
ٽيڙن روئندي ٽهڪ وڃايا
چانڊوڪيون ۽ چيٽ مري ويا
کلندي کلندي کيٽ مري ويا
پوءِ ڀي اُڀ ۾ آگم ناهي
لُڇندي پُڇندي رات ڪَتي وئي
سنڌوءَ سان گڏ سنڌ سُڪي وئي!