سڏ ڪڏهن ڀي سُمهندا ناهن...!!
اچ ته اُڏاريون گيت گگن ۾،
پنڇيءَ وانگر پرڙا ساهي،
آزاديءَ جا سهرا ڳائي،
اُن مقتل کي مات ڏيون ڪا،
جنهن جي ديوارن تي سچ جا،
ريٽا ڪيئي رت رڱيل هن،
تن تي هاڻي بارش بڻجي،
باکُن جھڙي بوند وسايون،
للڪارن جي لهرن سان گڏ،
گاج جيئان گجگاٽ ڪري اڄ،
ارڏا ڪئين احساس اُجاري،
چوراهن تي چنڊ اُڀاريون،
رُسوائين ڏي رولين ٿيون جي،
سي سڀ رهزن راتيون رُئاڙيون،
ڪاڪ ڪنڌيءَ تان قاتل رُت جا،
ڪَرب قصا سڀ مُرڪي ماريون،
سنڌوءَ جي هن سور سفر ۾،
سُڏڪن جا جي سڏ ڀريل هن،
بستي بستي بُک ڀاڪُر ۾،
سُک جا سارا سٿ سڙيل هن،
تن جا سهڪيل سڏّ ورائي،
سينو سينو سنڌ بڻائي،
چاهه چپن تي چاڳ اُڀاريون،
برسي بن تي ڀاڳ اُڀاريون،
او سنياسي ڌرتيءَ واسي!
پاڻ ٻنهيءَ کي ڳٽ ڳچيءَ ۾،
پائڻ لاءِ ڦٿڪي ڦاسي،
پوءَ به اڃا لاشن جان لٽڪي،
زخمن جي زندان ۾ گهُٽجي،
روز مرون ۽ روز جيئون ٿا،
زرد حياتيءَ زهر پيئون ٿا،
اهڙي جيئڻ کان جاڳ ڀلي آ،
اورانگهي هر آڳ هلي آ،
تيز لُڪن ۾ تپيل تن جا،
لڱ ڪڏهن ڀي لُڇندا ناهن!
سڏّ ڪڏهن ڀي سُمهندا ناهن...!