ٻُڌو آ سڄي حادثو ٿي وئي آ...!!
وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو
اسان نينهن جي ناوَ تاري اچون پيا
لهر جان لڱن کي اُڀاري اچون پيا
پرينءَ جي پُڇاءَ ۽ پُڪارن کي چئجو!
وڃون ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!
ٻُڌو آ سڄي رات سُڏڪا ڀري ٿي
اوجاڳن جي اک ۾ ڏيئو ٿي ٻري ٿي
چڳن جي وراڪن ۾ ويڙهي وفا کي
سُمهڻ ڪو نه پل ڪو آ ڏيندي دُعا کي
درن جي وٿين مان ليئا ويٺي پائي
ڏوراپا ڏئي هر صُبح کي ستائي
ٻُڌو آ ته ماندي ملڻ لئه مري ٿي
اُنهيءَ عشق جي انتظارن کي چئجو!
وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!
ٻُڌو آ اسُر جو اُداسيءَ جي ولهه ۾
ڀنل ماڪ جھڙا اٿس لُڙڪ هُل ۾
سڄي ڳوٺ جي ڳالهين ۾ رهي ٿي
ستم جا سوين سمنڊ ڇُلڪي سهي ٿي
پتڻ تي به پيرا پُڄائي ٿڪي آ
وجهي منهن چُنيءَ ۾ ويڳاڻي لڪي آ
ٻُڌو آ نه خوشبوءِ اٿس ساڳي کل ۾
اُنهيءَ بيقراريءَ جي سارن کي چئجو!
وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!
ٻُڌو آ درياهه کي سُکائون ڏئي ٿي
سوين سڪ جا ڳوڙها اندر ۾ پئي ٿي
اُڀي آس ساڳي اڃا ٿس اکين ۾
اڪيلي اڪيلي آ لڳندي سکين ۾
نه ئي وار ڳُنڌيل، سجايل سڳي آ
ڏکن ۾ ڏري تڙپ بڻجي تڳي آ
ٻُڌو آ رُڳو بس ڏسڻ لئه جيئي ٿي
اُنهيءَ ساهه جھڙن سهارن کي چئجو!
وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!
ٻُڌو آ سڄي حادثو ٿي وئي آ
غمن جي گهٽيءَ جو حصو ٿي وئي آ
هوائُن کي ڏيندي سنيها رهي ٿي
پراڻين مزارن جيئان پئي ڊهي ٿي
ٻُڌو آ ته جوڀن ۾ ٿي زرد آهي
ڊسمبر جيئان ٿي وئي سرد آهي
مئل مُرڪ جو سلسلو ٿي وئي آ
اُنهيءَ مُحبتن جي مينارن کي چئجو!
وڃو ٿا وڃي بس ڪنارن کي چئجو!!