شاعري

ڪلا جي ڪائنات ۾

. هي شاعريء جو ڪتاب سنڌ جي خوبصورت شاعر اياز امر شيخ جو لکيل آهي..
Title Cover of book ڪلا جي ڪائنات ۾

سنگيت ناٽڪ --- آزادي

ڪردار:
(1) شاعر
(2) آزادي
(3) ڌرتي
(4) ڀٽائي


آزادي

پردو کڄي ٿو- آڪاس ۾ چنڊ پنهنجي مست جوڀن سان چانڊوڪيءَ جو نُور وڻن، وستين ۽ ڌرتيءَ تي وسائي رهيو آهي، ۽ شاعر رات جي رولاڪ رستن تي رُلندي، ڌرتيءَ جي ڏُکن ۽ اُن جي هيسيل هارين تي غُربت جي غُم جا پهاڙ ڪرندا ڏسي، آزاديءَ کي ايلاز ڪندي لُڇندي، پنهنجي آزاد پُر جوش جذبن جي آواز سان پُڪارڻ ٿو لڳي!
(شاعر، چؤطرف نظر ڊوڙائي ۽ آزاد چنڊ ڏي نهاري چوڻ ٿو لڳي)


شاعر:

اي آزادي! تون آهين ڪٿي؟
مان روز رُلان ٿو راهُن ۾،
تون ڇو نه اچين ٿي ٻانُهن ۾!؟
هت روز سويرا سُڏڪن ٿا،
۽ خوشين ڪارڻ تڙپن ٿا-
تون ڪهڙي پار هلي وئي آن!؟

مان باغي بڻجي بستي بستي،
توکي ڳوليان پيو هر وستي.
شامن جي تون رنگن جھڙا،
روپ نکاري هاڻ هلي آ!
ويسارن جا ويڇا ماري،
موج ۾ ٿي مهراڻ هلي آ!
تولئه سنڌ جو ساهه سِڪي ٿو،
ليئا پائي روز لُڇي ٿو-
تو سان ڪيئي آشائون هن،
جن جو ڪوئي ڇيد نه آهي!
(شاعر ٿڌو ساهه ڀري آزاديءَ سان نينهن ۽ نڀاءُ جو رشتو بيان ڪرڻ ٿو لڳي)

شاعر:

آزادي! مون تُنهنجا نغما،
گليءَ گليءَ ۾ ڳاتا آهن.
هر ڳڀروءَ جي ڳالهين سان مون،
تُنهنجا جوڙيا ناتا آهن.
تُنهنجا پير چُمڻ جي لاءِ،
ٿي پيا جذبا آتا آهن.
ايڏي دوري! ڇو ته اسان کان؟
هاڻ هلي آ! هاڻ هلي آ!
زرد غلاميءَ زنجيرن جا،
طوق ڳچيءَ مان ڀاري لاهي،
سنڌوءَ لهرن جيئن لهرائي،
گيت اسان سان گڏجي ڳاءِ!
نينهن اچي تون توڙ نڀاءِ!!
(آزادي پنهنجي جذباتي آواز ۽ انڪاري لهجي ۾، مايوسين ۽ رُسوائين جا ڏوراپا ڏيندي، آگمي احساسن ذريعي شاعر سان مُخاطب ٿئي ٿي)


آزادي:

ڪالهه به مونکي ماريو ويو هو،
چوراهن تي رُوئاڙيو ويو هو!
مُفتين جا ڪئين ميڙ ويهاري،
فتوائن جا فائل کولي،
گهاڻن ۾ پيڙايو ويو هو!
رُسوائين جي راتين اندر،
ڦاهين تي ڦٿڪايو ويو هو!
ڪالهه به مُنهنجا هوشو، هيمون،
دودا، درياهه خان ڪُٺا ها!
ڪالهه به منهنجن سينن ڪيئي،
سنگينن جا سُور سَٺا ها!
ڪالهه به مُنهنجي نياڻين جا هِت،
چولا لِيڙون لِيڙون ٿيا ها!
ڪالهه به تنهنجيءَ نگريءَ ۾-
تُرخان هُئا، غدار هُئا!
جن ويل وهايو وحشت سان-
۽ زوري ٿيا سردار هُئا!
تن تاتارين جا تُخم اڃا،
پيا روز وهائين رَت نديون!
ان ظُلم سِتم، زنجيرن ۾-
ٿي گُذريون ڪيئي قيد صديون!
جت انصافن جي اکين ۾،
ٿا ڀالا ڀالا تير چُڀن!
جت انسانيت جي عظمت جا،
احساس لُڇي ٿا لاش ٿين!
جت معصوميت جي مُرڪن تي،
ٿا سازش ڀريل بم ڪرن!
جت تارا تارا تڙپي پن-
۽ چنڊ نه ڪيئي چاڳ هُجن!
جت نفرت جي ئي نيزن سان،
ٿا ڀيليا دل جا ڀاڳ وڃن!
جنهن نگريءَ جي ئي نيڻن ۾،
بس مايوسين جا ميڙ هُجن!
جِت نعرو نعرو نينهن نه آ-
۽ برسيو مُحبت مينهن نه آ!
جِت پيار نه ڪو پرچاءُ هُجي،
بس گهاوَ مٿان ٻيو گهاءُ هُجي،
جِت موت کان اڳ ئي مرڻو آ-
اُت مُور نه مونکي اچڻو آ.
ڪنهن پُور نه مونکي اچڻو آ...!
(شاعر، همٿ هارڻ بجاءِ آزاديءَ اڳيان پنهنجو نئين سر موقف رکي ٿو! ۽ نئين نسل جي باري ۾ ٻُڌائڻ لڳي ٿو، ته مون هنن نوجوانن جي ذهنن ۾ تُنهنجي لاءِ اهڙو ته عشق اُڀاريو آهي، جيڪي هاڻ توکي ماڻڻ کان سواءِ هڪ پل به ماٺ ڪري نٿا ويهي سگهن)



شاعر:

اي آزادي! من جي وادي!
مان ڄاڻان ٿو مايوسين جا-
تو منظر آهن خوب ڏٺا!
پر مُنهنجي ديس جي دلين جا،
تو مرندي ڪِٿ محبوب ڏٺا!؟
اڄ جوڀن چڙهيل جُوان ته ڏس!
جي چونڊي تو لئه آندا هن،
سي بيباڪيءَ اعلان ته ٻُڌ!
جي موت قبولڻ لاءِ ماندا!
سي واهڻ واهڻ وستيءَ ۾،
ها منصورن جان مستيءَ ۾-
پيا تُنهنجا ئي بس گيت چون...!
للڪارن سان، تلوارن سان،
پيا روز وڙهن غدارن سان.
هر ڪافر، قاتل ڪنڌ مٿان،
ٿا بڻجي ڪيئي ڪات ڪرن...
تن ڳڀرن جا ڳاٽ ته ڏس!
-۽ چاهه ڀريل چمڪاٽ ته ڏس!
جي انڌيرن کي مارين پيا،
هر واٽ تي ڏيئا ٻارين پيا...!

(شاعر، آزاديءَ کي هيڻائيءَ ۽ حيرت مان التجا ڪرڻ ٿو لڳي)



شاعر:

اي آزدي! تون آءُ هلي!
پئي گُهٽيل ساهه ۾ هير گُهلي.
ڪلهه ٽوڙهيءَ تي جي مور مُئا،
پيا تن جا اڄ ڀي چُڀن سُئا!
هر ڪَتبو ڪَتبو سنڌ مٿان،
آ گهوري پنهنجو ڪنڌ سُتو-
پر مُور نه اُن جو پنڌ سُتو!
هر صورت ساڻي شاهد آ!
جت رَت وهيو هو ريلا ٿي،
سا مڪلي مياڻي شاهد آ!
جِت ڳائي وائي شاهه چئي-
۽ ڪونج وڏي ڪُرلاءَ ڪئي!
جت سچل ويهي سچ لکيو،
هَر مُنڪر لاءِ مچ لکيو.
سا باهه اڃا ڀي ڀڙڪي پئي،
ٿي گولي گولي ڪڙڪي پئي!
هر سينو سينو سنڌ اٿئي،
هت هاڻ نه جهُڪڻو ڪنڌ اٿئي!
هن جوڌن جي جولانن ۾،
هن بارودي اعلانن ۾-
جي نعرا بڻجي نڪرن ٿا،
ڦڙڦوٽ پَون ايوانن ۾!
هي شهرن ۽ چوراهن لئه-
۽ سنڌو درياهه، واهن لئه،
ٿي ڌرڻا ڌرڻا نڪتا هن.
هر لهر لتاڙي سازش جي،
ڪي سڏ ورائي اُکتا هن.
جي ساک بچائي ساٿ ڏين،
جي تارئون تار نه لاٿ ڏين-
سي زندانن کي ٽوڙيندا!
نئون ديس امن جو جوڙيندا!
هر وچن سي توسان پاڙيندا!
هر منزل تي هر مقتل کان،
هڪ پير نه پُٺتي واريندا!
تون تن کي ايڏي مات نه ڏي!
ها! ڪاري ڪاري رات نه ڏي!
اڄ برسي آ گهنگهور گهٽا-
۽ گاج به پئي گجگاٽ ڪري.
ڏس اُڀ ۾! کنوڻ به کينچل سان،
پئي لهرون لهرون لاٽ ڪري!
تون آءُ هلي! هر واٽ ڪري-
۽ اوچو اوچو ڳاٽ ڪري...!

(رات جي سانت جو سينو چيري، تيز هوا جي سرڙاٽ سان آزاديءَ جو آواز اچڻ لڳي ٿو، ۽ شاعر کان پنهنجي موقف تان نه ڦرڻ ۽ نه وڪامجڻ لئه وفا ۽ وچن نڀائڻ جا وعدا وٺڻ لڳي ٿي.)



آزادي:

تون مونسان هڪڙو وچن نڀاءِ!
ها! جيئري پنهنجو ڪفن سباءِ!
تو جھڙا شاعر کوڙ هُئا،
ٿيا آزاديءَ لئه موڙ هُئا،
سي واڪ وڏي تي وڪجي ويا!
-۽ منزل کان اڳ ٿڪجي پيا!
جن گيت لکيا پئي بم گولا،
پر مونکي ڏيئي ويا رولا!
تون تن جي پاڙي جو آهين،
يا ٻي ڪنهن لاڙي جو آهين؟
جنهن قوم ۾ ڪوئي سَتَّ نه آ،
بس مونجهارو، پر مَتّ نه آ!
تنهن قوم تي ڇا احسان ڪجي!؟
ها! جنهن وٽ ڪوئي مان نه آ-
۽ انساني ايمان نه آ...!
(آزاديءَ ويساهه گهاتيءَ جي ويس ۾ ويڙهيل چهرن کي، بي نقاب ڪرڻ لڳي ٿي)



آزادي:

هو جي ويڪو ليڊر آهن،
سرڪس جي سيڙهيءَ تي ويٺل،
ڀولا ڀالا بندر آهن!
تن بس پنهنجا پيٽ ڀريا هن،
منشورن جا مقصد وڪڻي،
خالي کيسن ليٽ ڀريا هن!
ايسِيَنِ ۾ بس ويٺا آهن،
ٺاهه ٺڳيءَ جا ويٺا ٺاهن!
ورڪر هٿ ۾ ڪستو ڏيئي،
کيل پيا ڏسندا آهن ويهي!
جيڪو مال گهڻون ٿو آڻي،
سو ئي اوچو عُهدو ماڻي!
اهڙا ليڊر ماري ڇڏ تون!
بار وطن تان ٽاري ڇڏ تون!!
(آزاديءَ، شاعر کي فلسطينين جي جدوجھد ۽ آزاد نظريي جا حوالا ڏيڻ ٿي لڳي)



آزادي:

هو ڏس! اڄ به فلسطينين ۾،
جذبا ۽ جولان اُهي ئي!
روز مرن ٿا پر نه مُڙن ٿا،
آزاديءَ اعلان اُهي ئي!
بندوقن جي سامهون آهن،
ٽينڪن سان خود کي ٽڪرائن!
سي جرنيل ۽ جوڌا آهن،
دل جا بلڪُل دودا آهن.
ڪنهن ڀي ڪوڙي قاصد سان ڪٿ،
ڪونه ڪندا ڪي سودا آهن.
ويڙهه وڏي سي روز وڙهن پيا،
سُور سهن پيا، پر نه هٽن پيا!
هو ڏس! گوريلن جون مزارون،
ڪاميابيءَ جون آهن قطارون،
اهڙي منزل ماڻڻ ڪارڻ،
توکي جوان ۽ جذبا گُهرجن!
هر سازش جو ساهه گُهٽين جي،
اهڙا سوڍا ساٿي گهُرجن!
ڪنهن ڦوروءَ کان مُور نه ڦُرجن.
(آزاديءَ جي اکين ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر آگم تري ٿو اچي، ۽ پاڻ پنهنجي محبوب ليڊر کي ساري ٿڌو ساهه ڀري، شاعر سان مُخاطب ٿئي ٿي)



آزادي:

سيّد جي بس ننڊ سُمهڻ سان،
آيا ڪُرسيءَ طلب کڻي، سڀ!
هر ڪو ويٺو پاڻ پڏائي،
قربانيون پيو ڪيش ڪرائي!
ٿاڻي ٿاڻي تي مون گهاريو،
ماس هڏن جو آهي ڳاريو.
ٽوليون ٺاهيو ويٺا آهن،
سياسي ٺيڪيدارن وانگي-
مُلهه وڌايو ويٺا آهن!
پنهنجا ورڪر مارائين ٿا،
ريٽ وڏي تي ڳالهائين ٿا!
رهبر قوم جياريندا هن،
ڀاڪُر پائي ڀائيندا هن-
اڄ جا رهبر راشي آهن،
وسڪيءَ عادي، تاشي آهن!
تن کي ڇا احساس وطن جو؟
ڏينهن سُمهن ۽ راتيون جاڳن!
ڌرتيءَ لئه ڀل ڪاتيون جاڳن-
ڪو ڀي اُن تي غور نه آهي!
سالن کان ڪو شور نه آهي!!
روز پين ٿا مَڌ جون ماٽيون،
عيش عياشيون مستيون گهاٽيون-
تن سان ڪهڙو درد ونڊيندين؟
ملندي پنهنجو پاڻ ڇنڊيندين!
اڄ جا رهبر خوني خنجر-
مور نه مُرڪن تن جا اندر...!
(شاعر، آزاديءَ جي احساسن کي محسوس ڪرڻ کان پوءِ به، پنهنجي پُرجوش جذبن کي جهيڻو ڪري، جُهڪائڻ لاءِ تيار ئي ناهي؛ ۽ ويتر مضبوط دليل ڏيڻ لڳي ٿو)




شاعر:

مان ڄاڻان ٿو، هر ماڻهوءَ جي-
من ۾ مسجد مندر ناهي.
احساسن جي آڪاسن جو،
وهنتل اُجرو اندر ناهي-
پاڪائيءَ جو پار ڏَسي جو،
اهڙو ڪو ڀي پنگهٽ ناهي!
ها جي پنهنجو پاڻ ٿا جرڪن،
اهڙن هيرن جو هٽ ناهي!
ها پر مون وٽ مُلهه مهانگا،
آزاديءَ لئه سڀ کان سهانگا-
دودا جوڌا جُرئت ڀريا،
غيرت جي هن رت سان ٻَريا-
ڇا ته ڪپينديون تن کي ڪاتيون،
جن جا سينا کُليل ڇاتيون!
چونڊي چونڊي آندا آهن،
تُنهنجي لاءِ ماندا آهن.
قربانيءَ جو جام پيئڻ لئه،
تاريخُن جو نام ٿيڻ لئه...
(شاعر بُلند حوصلي سان، آزاديءَ کي ماضي ۽ حال جا احوال ٻُڌائڻ ٿو لڳي)




شاعر:

ڪلهه جي ڀينر بيوس مائي،
اڄ آ ٿي پئي ٻاگُهل ٻائي.
سندرا سندرا چيلهه ٻڌل هن،
ارادا احساس اٽل هن.
ڪلهه جي ٻار، ها ٻالا ڀولا،
ڪريو گهُمن اڄ ٽوليون ٽولا!
ڪلهه جا هاري هيسيل هيڻا،
اڄ ٻلوانن جان هن ٻيڻا!
ويا هن ليکا چوکا سمجهي،
دربارن جا دوکا سمجهي.
هٿ ۾ ڪاتر ڪولهيءَ ڏاٽو،
ڪنڌ ڪپڻ لئه ڪَر کڻي پيو-
جت آ ڪانئر قاتل گهاٽو!
ڪلهه جي ريٻارين جون رڙيون،
روپا ماڙيءَ تي پئي چڙهيون-
اڄ سي توڏي آهن لڙيون،
بڻجي سُرندا، چنگ ۽ چڙيون.
ڪلهه جي ڪاڪ منڊل ۾ جيڪا،
سازش مومل ساڙي آهي-
اڄ ڏس ٿر ۽ بر مان تولئه،
مومل، مومل مينڍا ويڙهيا،
پاتي سورمين ساڙهي آهي!
هت جي سانجهه سڏي پئي توکي،
باکُن کوليا ڀاڪُر آهن-
اوجاڳيل هن اکڙين جا ڀي،
آتا تولئه آڳُر آهن!
روز پيا ڦڙڪن ٻارن هٿ ۾،
ڳاڙها ڳاڙها جهنڊا آهن!
گولين سامهون کڻيو بيٺا،
لٺيون، ڪُهاڙيون ڏنڊا آهن!
ڪونه ٻُڌن ٿا ڪنهن جي ڀاشا،
تُنهنجي کڻي نڪتا هن آشا..!
(شاعر، هڪ دفعو ٻيهر آزاديءَ کي آٿتي احساسن سان سمجهائڻ لڳي ٿو)




شاعر:

مان ڄاڻان ٿو، اي آزادي!
تو سچ چيو آ سين هڻي.
هي رهبر ڪوڙا ڪوٽ لڳن،
ٿا نيلاميءَ جا نوٽ لڳن-
پر مُنهنجا جوڌا جُنگ سڀئي،
۽ راهون رستا لنگهه سڀئي،
تن سان مُور نه ملڻا آهن.
طوفانن جي سامهون نڪتل،
پير نه پُٺتي هٽڻا آهن.
بستيءَ بستيءَ اُڃ اُجهائي،
سوڪهڙو ۽ سُڃ اُجهائي.
سوڪ نه سهڻا ساگر آهن،
ڪوڙهه نه تن کي ڪوڙ جو ڪٿ ڀي،
سچا سڀ قلندر آهن!
سرمد جھڙيون سوچون تن جون،
لهرن وانگي لوچون تن جون.
ساهڙ ساهڙ سڏ سنڀاري،
سُهڻيءَ جو ٿي پيار پُڄن ٿا،
دارن دڙڪا ڪونه مڃن ٿا!
پر جي توکي ويساهه ناهي،
ڌرتي توکي ضامن ڏيان ٿو!
لاڙ، اُتر ۽ ڪاڇي، ٿر جو،
کولي توکي دامن ڏيان ٿو.
تن جي شاهه گواهي ڏيندو!
ڀيٽا لئه هر وائي ڏيندو!
ان کان وڌ ٻيو مون وٽ ناهي!
ڌرتيءَ سان وٺ پاڻ ڳالهائي!
(ڌرتي، جيڪا صدين کان وٺي سُڃ ۽ اُڃ ۾ سڙي ساڻي ٿي پئي آهي، سا اڄ آزاديءَ کي پنهنجي سُورن جو داستان ٻُڌائڻ ٿي لڳي)




ڌرتي:

ڇا تو مُنهنجا سُڏڪن ڀريا،
ڪونه ڪٿي ڀي سڏ ٻُڌا هن؟
ماس خوشين جو سارو روڙي،
قهرين ڪوري هڏ ڇڏيا هن!
هرهر تو لئه جهاتيون پاتم،
پر نه اُميدون ڪڏهن لاٿم.
روز پُڪاري تو لئه رڙندي،
ساڻي ٿي، بس سڪ ۾ سڙندي،
تيل ڪڙاهين ۾ ڀي ڪڙهندي،
تنهائين ۽ تاريڪن سان-
ويڙهه صدين کان ئي ڪا وڙهندي،
زخمي ٿي پئي ساري آهيان!
ڪهڙا توکي درد ٻُڌايان!؟
مُنهنجو سنڌوءَ سوڪ بڻيو آ،
بُک جو ويلو لوڪ بڻيو آ!
سُونهن ڪنارن ڇاڻي آهي،
سُڪي وئي هر لاڻي آهي.
موجون سارين روز بتيلا،
هاڻ ڪنڌيءَ تي اُڃ ۾ اڪيلا!
اُڏري پيئي رُڃ ۽ واري،
ڏک ۾ ويڙهيل آ هر ناري...
ڪانه آ ڪٿ مهندي ڪا ڦُلاري!
رَت جي روز هلي ٿي هولي،
سينو سينو چيري گولي!
ڀاري ڪيئي بَم ڪرن ٿا،
ٽُڪرا ٽُڪرا جسم ٿين ٿا!
رڙيون ڪوڪون ماتم آهي،
غم جو گهرو عالم آهي!
موهن کي ميسارڻ لاءِ،
تهذيبن کي مارڻ لاءِ،
صدين کان ئي نڪتل آهن-
ويجها ٿي ويا قاتل آهن!
جاڳيو ڪو ڀي وارث ناهي!
هُن جي هٿ ۾ خنجر آهي.
زخمي ڪيٽي بندر آهي!
مڪليءَ جي مينارن سان گڏ،
لُٽجي ويو هر مندر آهي!
ڪارونجهر ڏي ڪاهي پيو ٿو،
ڪڙو ڏئي ويو ڪينجهر آهي!
نوريءَ نوريءَ ننڊ مُئل آ،
ڄام نه ڪوئي ڄارو آهي!
سارو ديس ڏُکارو آهي-
تيز هوا سان بارش بڻجي،
قوم لئه هاڻ نوازش بڻجي-
دربارن کي اچ ڪيراءِ!
قاتل قاتل ڪنڌ تي ڪڙڪي-
تلوارون ۽ تِير هلاءِ!
ڪاميابيءَ جي ڪاڪ ڪنڌيءَ تي،
ظُلمن هاڻي سُور صديءَ تي،
سونهري سج جي ڪرڻن سان-
آزادي! جهنڊو ڦڙڪاءِ...!
ڪاري ڪاري رات ڀڄاءِ...!
(باک ڦُٽيءَ جو وقت ٿئي ٿو پکي مٺڙيون لاتيون لنوي رهيا آهن، ڀٽائي ڌرتيءَ جو درد ٻُڌي قوم ۽ آزاديءَ سان پنهنجي آواز ۾ مُخاطب ٿيڻ لڳي ٿو)




ڀٽائي:

سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري،
حيف تنين کي هوءِ، وطن جنين وساريو!
(شاعر، آزادي ۽ ڌرتي، ڀٽائيءَ جو پيغام ٻُڌي، غور سان ڀٽائيءَ جي اکين ۾ گُهوريندا رهجي ٿا وڃن- پردو ڪري ٿو...)