صدا جا سڏڪا اڃا سفر ۾!
اُگهاڙيون راتيون عذاب آهن
ڪلي ڪلي ڪئي قتل وئي آ
غمن ۾ سارا گُلاب آهن
سُکن جا سينا سڙن پيا ٿا
شهيد ٿيا ڪئين شباب آهن
زماني جي هر ذليل حرڪت
ڪُٺا حُسن جا ئي خواب آهن
بهار جو ڀي بدن آ ڀيليل
سماج سُورن جو آهي سٽيل
خوشين جا چهرا خزان لتاڙيا
سوين اُميدن جا گهر اُجاڙيا
ضعيف سوچن جي سرحدن تي...!
نه پيار جي ڪا پُڇاءَ ملي ٿي
مُئل مزاجن جي مُحبتن ۾
نه مُرڪ جي ڪا ادا کلي ٿي
صدا جا سُڏڪا اڃا سفر ۾
رُڃن جا راهي وڃن پيا بڻبا
اڃا وفائُن جا لاش ڪيسين
خفا ٿي خوفن مان روز کڻبا!؟
سوال سُڃ جو کُٽوئي ناهي
اُڀن ڏي آهون پيون اُڏامن
زمين جي پئي زبان سهڪي
بدن ٿو ڀالن ۾ روز اٽڪي
غليظ ڪيڏا غُبار آهن
دلين جي دڳ تي ڏُڪار آهن
اکين جا آنچل اُهي ئي آلا
نه نينهن بڻجي سگهيا نرالا
سُکن لئه ڪيڏا صُبح سڪيا هن
لُڪون لتاڙي ليئا لُڇيا هن
لڄاري لوڏن جي لهر تي ڀي
تضادي خنجر تکا ٿيا هن
جلادي جاڳيل جنود* آهي
وڍيل سمورو وجود آهي
ڦُڙو ڦُڙو رت وهي رڳن مان
زخم زخم پيو چڳي امن مان
خيال خوني کُٽا نه آهن
اُجاڙ سپنن جي سينڌ آهي
اڃا انڌيرا ٽُٽا نه آهن
ثواب گُل ٿي ڦُٽا نه آهن!
* جنود = فوجي لشڪر