درياهه، دهشت، ڳوٺ، ڳليون
سبيل سنڌ جھڙين رلين کي ڇڏيوسين
جڏهن ڀاڳ جا ڀيل ڀؤنرا ٿيا ڪئين
نه گُل ٿي سگهيون تن ڪلين کي ڇڏيوسين
رُتن جا رهيا روح رُئندا رڻن ۾
دُکن جي دڳن تي دلين کي ڇڏيوسين
اڙي ڳوٺ تُنهنجي ڳهر جو قسم آ
جڏهن لهر تُنهنجي لڱن کي هو لوڏيو
۽ درياهه به دڌڪي اُٿيو دهشتن سان
سڄو وقت وڍجڻ لڳو وحشتن سان
سڪي سانجهه سُڏڪي اُداسيءَ جي اک ۾
لڙي زندگيءَ جي ڳلن تان پيو ڳوڙهو
سڙي سارين جي سُڳنڌ جا سويرا
ٻنين جي ٻکن کان وڃائجي ويا هن
نه ئي لوڏ لاهيارين جي لڱن جي
پگهر ۾ پُسي پيار پوکي سگهي آ
مٽيءَ جي گهرن ۾ نه مُرڪون ٿيون مهڪن
ڌنارن جي ڌُن ۾ نه سينڍون ٿيون سِرجن
چڙا چاڳ چنگ ڀي ٿيا چُور آهن
اُميدون عذابن جي آوارگيءَ ۾
صدين جي صدائُن جو ٿيون سور آهن
نگاهُون نگاهن کان ٿيون دور آهن
پهر پُلصراطن جي رولاڪين ۾
لُڇي تڙپ جي تلخين ۾ تڳيا ها
نه جاڳيو خُدائيءَ جو ڪو خيال من ۾
ڀُرڻ مذهبن جا ڪئين بُت لڳاها
اذانن جا آواز گُم ٿي ويا ها
سفر سارا سجدن جا وکري ويا ها
لڳا گهنڊ وڄڻ هاگُمانن جي گهر ۾
فرق ڪونه ڪٿ ڀي هو مسجد مندر ۾
سڄو ديس بُک جي بدن ۾ ڀنل هو
خوشيءَ جو وطن وک وک تي ڪُٺل هو
ڪڪوريل ڪٿائون ويون ڪرب بڻجي
اٿيا سج سياست جا ڪئين رب بڻجي
مفادن جي منزل کي ماڻڻ جي لاءِ
وري ماس ماڻهن جو کائڻ جي لاءِ
مگر ماٺ جي موسمن کان پري ٿي
اسان مفلسيءَ جي اکين ۾ ڏٺو هو
تڳيل طلب ۾ بس اجهو ۽ اٽو هو
جنين سُور سيني ۾ سهڪي سٺو هو
اُنهن جي سُکن جي سُڃين ساعتن جو
هينئين جي حُسن جي ڊٺل حالتن جو
نه ڪنهن ڀي ازالو ڪيو آٿتن سان
زخم زهر بڻجي چڳيو نفرتن سان
ڏٺاسين ايمانن جا لاشا لکن ۾
نه انسانيت ۾ ڪو احساس جاڳيو
اُهو بيضميريءَ جو بنواس ساڳيو
جيئڻ جي جھانن ۾ جهاڳي رهيو هو
وسامي چڪو چاهتن جو ڏيئو هو
اسان بيوسيءَ جي برن مان ڏٺو هو
سوين دوستيءَ جا ستارا لڪيل ها
سُڃاڻپ جي سُڌ کان ڪئين ڪنڌ جُهڪيل ها
ڇڄي ساٿ سُڏڪي اُٿيا سلسلن جا
وڏا گهاوءَ غم سان مليا فاصلن جا
مُئل مُحبتن جي مزاجن جا مرثيا
اسان گونج سان گڏ گگن ۾ ڇڏيا هن
سُتل سرڪشيءَ جي مزارن تي مُرڪي
اسان بُزدلين تي بُجا ڀي رکيا هن
مگر پوءِ به ساڳي روش رهزنيءَ جي
رواجن جي رُت ۾ رهي ئي رهي آ
اسان لُڙڪ بڻجي وڃائي وهي آ
اوجاڳن جي جاڳي اڱڻ تي اڪيلا
اُٿي ڳوٺ تُنهنجي ڳلين کي ٿا ساريون
سوين کيت من ۾ کٿوريءَ جا پوکي
ڀريو نينهن نيڻن ۾ توڏي نهاريون
اچن ياد ٿيون عشق جون ڪئين ادائون
سنڌوءَ سينڌ سان جت لڌيون لاڙ لائون
اڙي ڳوٺ تُنهنجي اُها سانجهه ساڳي
پرينءَ جي سڳيءَ جان رکي ساهه ۾ آ
اڃا چنڊ بڻجي رهي چاهه ۾ آ...!!
____________
نوٽ: 2010 ۾ آيل مها ٻوڏ تي لکيل نظم