سارڌڙو مندر...
سانولڙي ڏس سانجهيءَ ٽاڻي
ديپ جلائڻ ايندي آهي
گهنڊ وڄائي ويندي آهي
پوڄا جھڙو پيار ورهائي
هر من ۾ مانڌاڻ مچائي
گُهورن سان ڪئين گيت پکيڙي
وقت وفا ۾ سارو ويڙهي
ماٺ جي منجهيل ماحولن ۾
مُرڪ ملائي ويندي آهي
ديپ جلائڻ ايندي آهي.
هر روح جي رستي تي گهمي ٿي
پايل اُن جا پير چُمي ٿي
سُونهن، سڳي ڇا گج ۾ گهيريل!؟
چنريءَ ۾ ڄڻ چنڊ آ ويڙهيل
چاهت جي چانڊوڪي بڻجي
رنگ رچائي ويندي آهي
ديپ جلائڻ ايندي آهي.
واٽون اُن مان واس وٺن ٿيون
ڳوٺ ڳهر ۾، ڳليون رهن ٿيون
روز ستارا اُڀ مان کڙن ٿا
گلّ ڇڏي ڀونئرا ڀي مڙن ٿا
هر ڪلا جي ڪنواريءَ ڪڇ تي
نظم نچائي ويندي آهي
ديپ جلائڻ ايندي آهي.
ڀڳوانن جا ڀاڳ کُلن ٿا
پهر پڪاريو پنڌ پُڇن ٿا
ڪارونجهر جا لڱ لُڏن ٿا
شهر ننگر جا نيڻ ٺرن ٿا
گاؤُ مکيءَ جي گنگا مان جو
پير پُسائي ويندي آهي
ديپ جلائڻ ايندي آهي.