شاعري

ڇپر، ڇمر، ڇانورو

ابراھيم منشي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق، ھيڏي ساري قربانين، سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.
ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book ڇپر، ڇمر، ڇانورو

مھاڳ

مھاڳ

قديم سنڌ جي اوائلي شاعر قاضي قادن کان ويندي جديد سنڌ جي عظيم شاعر شيخ اياز جو ذڪر ڪنداسين ته ان قديم ۽ سنڌ جي سفر ۾ اسان کي اھڙا چند شاعر ملندا جن جي شاعري ۾ زندگي جي ھر رمز ۽ صنف شامل ھوندي انھن ۾ شاعرن جي سرتاج لاکيڻي لطيف جو نالو سڀني کان مٿانھون ۽ معتبر نظر ايندو. جنھن کي نه صرف سنڌ ۽ سنڌين کي ناز ۽ فخر آھي بلڪه لطيف جي شاعري جا ڪيترائي پھلو انھن جي عملي زندگي ۾ شامل نظر ايندا. صوفيت کان ويندي عشق تائين زندگي جي سمورن پھلوئن جي ان ۾ عڪاسي نظر ايندي ان ساڳي جديد سنڌ ۾ ٻيا به کوڙ سارا شاعر آيا جن جي شاعري جن جو فڪر ۽ فلسفو اعلى درجي جو نظر ايندو پر اھڙن شاعرن ۾ ابراھيم منشي جو نالو تمام مٿانھون آھي ھونئن ته منشي جي شاعري جو ھر پھلو پنھنجو مٽ پاڻ آھي پر مشي ابراھيم کي ٻين شاعرن کان جيڪا مٿاھين انفراديت حاصل آھي سان ان جي مزاحمتي شاعري آھي. منشي جي شاعري ۾ جيڪو مزاحمت جو پھلو شامل آھي سو شايد سنڌ جي ٻين شاعرن جي حصي ۾ تمام گھٽ آيو آھي. منشي جي گيتن، واين، عزلن، مرثيه، عشق، صوفيت سميت شاعري جي سمورن پھلوئن ۾ به مزاحمت جو عنصر وڏي واڪي سمايل آھي ۽ ھن جي ھر سٽ سٽ ۾ سوز، محبت ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان عشق جي حد تائين لڳاءُ نظر ايندو ھُو جيل ۾ ھجي يا ريل ۾ ھجي ھو ھر ھنڌ بيباڪي ۽ جرئت جو مظاھرو ڪندي پنھنجي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين جي دردن جي ترجماني ڪندي نظر ايندو،

جا جاڳائي جيل، جوت منھنجي جيءَ جي
وانگين ويل سويل سائي رھندي سوجھرو

ڪنھن ڏاھي جو قول آھي ھر شاعر انقلابي نه ھوندو آھي پر ھو انقلابي شاعر ھوندو آھي. پر منشي اھو شاعر آھي جيڪو انقلابي توِڙي مزاحمت ٻنھي جو پيڪر آھي. انقلابي مان مراد اھا به نه آھي ته ڪو ھٿياربند جدوجھد ڪجي يا رياست کان پنھنجا حق وٺڻ لاءِ بمن ۽ بارود جو سھارو وٺجي پر انقلاب علم، عقل ۽ ڏات سان به آڻي سگھجي ٿو. ۽ منشي ابراھيم پنھنجي شاعرانه ڏات وسيلي پنھنجي من جو آواز، پنھنجي ڌرتي توڙي ان جي واسين جي ڏکن، دردن جي ترجماني پنھنجي ڏات ذريعي ڪئي. منشي نه صرف ھڪ اعلى صفت شاعر ھو پر ان سان گڏ قدرت ھن کي اھڙو ته دل لڀائيندڙ ۽ ٻين کي پاڻ ڏانھن متوجھه ڪندڙ سريلو آواز ڏنو ھو جو جڏھن جلسن جلوسن مجلسن توڙي محفلن ۾ پنھنجي گجندڙ آواز سان سُر آلاپيندو ھو ته حاضرين تي وجد طاري ٿي ويندو ھو.

ھي ڳالھه نه ڳاڙھين ساڙھين جي، ھي ڳالھه نه بنگلن ماڙين جي
ھي ڳالھه آ وانگين واڙين جي، ھي ڳالھه نه جلسن تاڙين جي
ھن ڳالھه ۾ ڳُڻ اڻ ڳڻ ڳاڻا مونکي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا
سنڌ سنڌوءَ جا ساڻا ساڻا، مون کي ڄاڻ ڄريو آ مان ڄاڻا

منشي جي شاعري لفظ ، تجنيس، رديف، ڪافيو، فڪر ۽ فلسفي جو اھڙو مجموعو آھي جنھن جي سٽ سٽ ۾ انقلاب، لفظ لفظ ۾ سحر ۽ بند بند ۾ بارود ڀريل آھي . منشي جي شاعري ۾ لفظ رقص ڪن ٿا لفظن جو اھو رقص ٻڌندڙ توڙي پڙھندڙ کي به رقص ڪرڻ تي مجبور ڪريو ڇڏي.

قمري سان گڏ طوطا تاڙا مور، ڪبوتر ڳيرا ڳاڙھا
ڪُن ڪلاچيءَ تي ڏس ڪيڏي ويڙھ ھلي پئي واڳن سان
قمري جھيڙيو جوٽو آھي ڪارن ڪارن ڪانگن سان
بازن سان شھبازن سان ڏيھه ڏنگيندڙ نانگن سان

اسان منشي جي سمورن شاعري جي مجموعن تي سرسري نظر گھمائينداسين ته وڳھه جا وريام، ڌونئيري ڏينھن ڌاڙا، ڌرتي دين ڌرم، گوندر ويندا گذري، اکر اکر کي اک ۽ پيغام مظلوم توڙي ھاڻوڪي ھن ڪتاب ڇَپر، ڇَمر، ڇانورو جي ھر سٽ، ھر لفظ ۽ بند ۾ منشي جي شاعري جو معيار انتھائي مٿانھون نظر ايندو.
پنج درجا پاس، گڏھ تي سامان وڪرو ڪندڙ ۽ ٺيڪدارن وٽ منشي رھڻ وارو ابراھيم منشي سنڌ جي پي ايڇ ڊي ڪيل شاعرن توڙي اعلى تعليم يافته شاعرن کان سچ پچ ته تمام وڏو شاعر آھي منشي کي عطائي ۽ ڏات ڌڻي شاعر چئجي ته ڪوبه وڌاءُ نه ٿيندو.
ھن نئين آيل ڪتاب ۾ منشي جي شاعري ۾ مزاحمتي شاعري، عشقيه شاعري، وايون، ڪافيون، حمدون ۽ نعتون ۽ سنڌ جي ناليوارين شخصيتن جھڙوڪ شھيد فاضل راھو، حاجي احمد ملاح، نجم ميمڻ، شھيد فيض محمد ٽالپر تي پڻ شاعري ڪري کين عقيدت جي ڀيٽا پيش ڪئي آھي.
فاضل کي ياد ڪندي منشي چوي ٿو:

دودي ڏنو داد، راھو تنھنجي رت کي
فاضل زنده باد، سنڌ ڄڻي پئي سُورما

سنڌوءَ سينڌ سنڌور راھو رات ڀري ويو
پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏور
ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رڃ ڪري ويو

وري ٻئي ھنڌ چوي ٿو ته:

راھو توريءَ رڃ ڏسان ٿو ماريل مارو مڃ ڏسان ٿو
ڏاڍي تنھنجي اڃ ڏسان، سکر بکر سڃ ڏسان ٿو
تون ماڻھو موتي داڻو ھُئين، تون جھانگيئڙن لئه جھڙ جا جھالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا

منشي، مولوي حاجي احمد ملاح کي شاعرن جو شھنشاھ سڏيندي کيس ھنن لفظن سان ڀيٽا ڏي ٿو:

شاعرن جو شھنشاھ آھي مولوي احمد ملاح
شاھ کان پوءِ سنڌ کي مليو مسيحا واه واه
جڏھن گيت تنھنجا ڳائجن، شاعر پيا شرمائجن
ڳوليم وڃي عرب و عجم، تجنيس ٿي توتي ختم
سِٽ سِٽ آ سوغات ڄڻ، بر ۾ بڻيل باغات ڄڻ
مالھائون موتين جون چوان، يا جوتيون جوتن چوان
ڪافيه رديف ۽ بحر جو، بيشڪ آھين تون بادشاھ

يعني ائين کڻي چئجي ته زندگي جي اردگرد گھمندڙ سمورن ڪردارن کي توڙي ان جي پس منظر کي جنھن انداز سان منشي پنھنجي شاعري ۾ سمويئو آھي سو ھر ڪنھن شاعر جي وس جي ڳالھه ڪونھي.
وائي ھجي يا نظم گيت ھجي يا غزل منشي جي شاعري جو پنھنجو رنگ ۽ ڍنگ نظر ايندو جيئن ھن بند ۾ چوي ٿو ته:

تنھنجي جي محبت ۾ مٺا اڄ داغ دل تي ٿيا نوان
اچ اچڻ جي مھل آھي ٿو وڃي ھي ڪاروان

منشي جي زندگي جا سڀ حصا پنھنجي پنھنجي رنگ، ڍنگ ۽ انگ جي حوالي سان نھايت اھميت جوڳا آھن. زندگي جي پھرين حصي ۾ والد جي وفات کان پوءِ منشي ھڪ عام ڳوٺاڻي وانگر گڏھ تي سامان رکي ان کي ڳوٺن ۾ وڪرو ڪري ٿو. جواني جي جوڀن ۾ عشق جي عذاب ۾ مبتلا ٿيڻ عشقيه شاعري ڪري ٿو. جواني جي ان جوڀن ۾ عشقيه شاعري سان گڏ ھو سنڌ سان ٿيندڙ ناانصافين کي پنھنجي شاعرانه اک قائدانه صلاحيتن سان ڏسي ٿو عوامي ۽ سياسي جلسن ۾ يڪسر تبديل ٿي وڃي ٿو. جڏھن سنڌ ۾ا يوبي آمريت سنڌ جي قومي وسيلن تي ڌارين کي پنھنجي ھٿن ۾ وٺڻ ۽ سنڌ توڙي سنڌ واسين سان ظلم جو آغاز ڪري ٿو ته منشي ۾ ھڪ نئون منشي جنم وٺي ٿو . جيڪو فاضل راھو جھڙن مٿيرن قومي اڳواڻن سان گڏ سنڌ جي حقن جي حصول واري تحريڪ ۾ شانه بشانه شامل ٿي وڃي ٿو. ۽ جھر جھنگ ۽ وستي وستي وڃي قومي جاڳرتا جي مھم ھلائي ماڻھن کي جاڳائي ٿو ۽ جيلن جون صعوبتون سھي وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿو. جنھن بعد ھڪ مضبوط ارادن وارو منشي جيل مان نڪري ٿو جيڪو ھاڻي آزادي کان سواءِ ٻي ڪنھن به شيءِ کي وٺڻ لاءِ تيار ڪونه ٿو ھجي.

برابري سراسري اسان گھُرون ٿا ايتري
پڇي کڻي ڪو ڪيتري اسان ٻڌايون ھيتري
آزاد قوم جيتري، آزاد قوم جيتري
جو سچ انھيءَ تان سڙي، سو سنڌ مان لڏي

نٿو جو سنڌ لئه لڙي، نٿو جو سنڌ لئه ڪڙھي
سو سنڌ مان لڏي وڃي، سو سنڌ کي ڇڏي وڃي

ھي اھو منشي آھي جيڪو ڪارونجھر کان ڪينجھر تائين ۽ ڪيٽي بندر کان ڪشمور تائين جي سنڌ واسين ۽ ان جي وسيلن انھن جي حقن، انھن جي تھذيب ، ثقافت ۽ تاريخي حيثيث جي ڦرلٽ خلاف سراپا احتجاج آھي ھي اھو منشي آھي جيڪو جيل ۾ ھئڻ دوران پٽ جي وفات تي حڪومت کان آزادي جي خيرات گھرڻ کي ڪفر ٿو سمجھي بلڪه سامراجن کي وڏي واڪي للڪاريندي چوي ٿو:

جنگ جنگ جنگ آ، منھنجي توسان جنگ آ،
پليت پير ڪري پري ھي ڌرتي منھنجو ننگ آ

اھي ابراھيم منشي جي سماجي زندگي جا اھي جنم آھن جن جنھاڻ جي ابراھيم کي ابراھيم منشي بڻائي ھن کي سنڌ جي ھر زبان تي آڻي پنھنجي لاءِ عقيدت احترام توڙي سندن دلين ۾ عزت ڀريا مقام ڏياريا.
منشي ابراھيم جي ھن ڪتاب ۾ به منشي جي زندگي جي انھن سمورن لاڙھن، چاڙھن جي خبر پوي ٿي منھنجي خيال ۾ منشي جي پھرين آيل ڪتابن کان وڌيڪ ھن ڪتاب ۾ منشي جي شاعري مان منشي جي پنھنجي ڌرتي، ڌرتي واسين ، قومي اڳواڻن سان عقيدت ۽ محبت جو وڌيڪ پتو پوي ٿو. خاص ڪري منشي جي مذھبي لاڙي جي باري ۾ ھن ڪتاب پڙھن سان معلوم ٿئي ٿو ھن ئي مزاحمت کان مذھب جو وڏو اثر ھو. سرور ڪونين صلي الله عليه وسلم کي ھنن سٽن سان عقيدت جي ڀيٽا ڏي ٿو.

نور نراڙ ۾ ائين چمڪي جيئن چمڪي چنڊ ستارن ۾
واحد پاڻ واکاڻيو آھي سڀني ٽيھن سِيپارن ۾

منشي جي ٻي طرف جڏھن ڌرتي تي ٿيندڙ ڏاڍن جي ظلم کي ڏسي ٿو ته بي ساخته چوي ٿو ته:

جن ھنيا ٿي حق جا ھوڪا، سي ڦِري ڦورُو ٿيا
بس رنڊيءَ جي راڳ تي گانا به افسانه ٿيا
ڏس دنيا جي دور ۾ دانا به ديوانا ٿيا
راز جا ھمراز ٿي، سورن جا سامان ٿيا

ھتي اھو چوڻ بجا ٿيندو ته منشي ڌرتي کان وڌيڪ ٻي ڪنھن به شيءَ سان عشق نه ڪندو ھو. ھن جڏھن به جنھن به اڳواڻ کي ڌرتي ۽ ڌرتي واسين کي جدوجھد ڪندي ڏٺو ته ان جي صف ۾ شامل ٿي ويو پوءِ اھو فاضل راھو ھجي يا ممتاز ڀٽو يا ھن جو سن جو سيد ھجي. فاضل جي شھادت منشي کي اڪيلو ڪري ڇڏيو جنھن بعد گھڻي وقت جي خاموشي کان پوءِ ھن ممتاز ڀٽو جي ڪنفيڊريشن واري نعري ھيٺان ان گان گڏ ھلڻ لڳو پر ھن جڏھن ڏٺو ته ھتي به سنڌ جي آزادي جي ڳالھه ڪونه ٿي ٿئي ته ھن ان کان به علحدگي اختيار ڪري ڇڏي. اھو ته بلڪل واضع آھي ته منشي جي شخصيت تي شاعري ۾ مولوي حاجي احمد ملاح جو اثر ھو ته سياست ۾ سن واري سائين جو سبق سمايل ھو. ان ڪري ھر ھر ھنڌ ڳالھه وري به سنڌ ۽ سنڌ واسين جي ڪندو ھو.

ھي منشي آخر مرڻو آ ۽ ويس مٽائي ورڻو آ
سو چئبو جيڪو چوڻو آ، ھڪ پير نه پُٺ تي ڀرڻو آ
تو مٽيءَ کي مَن مان ڏيان اي سنڌ امان اي سنڌ امان

منھنجي ذاتي راءِ ۾ منشي جي شخصيت صرف ھڪ شاعر واري نه ھُئي پر ھو ھڪ وڏو ۽ بيباڪ سياسي اڳواڻ ھئڻ سان گڏ ھڪ وڏو راڳي به ھو جنھن کي لطيف جي ڪلام تي ڪمال جي حد تائين دسترس حاصل ھئي ان ڪري ئي شاھ جي ڪلام کي منشي کان ئي تحت اللفظ ريڪارڊ ڪرايو ويو. منشي جي آواز ۾ اھڙو ته جادو ھو جو ھو جڏھن جلسن ۾ جھونگاريندو ھو ته مولانا عطاءالله شاھ جي بقول سڀني کان وڏي خوبي ان جو سچ ڳالھائڻ ھو. ڪنھن کي به ڪنھن ھنڌ وڏي واڪي سچ چئي ڇڏيندو ھو. جنھن سبب ماڻھو منشي کان متنفر ٿيڻ بجاءِ ان سان بيحد پيار ڪندا ھئا.

مون جنگ جبر سان جوٽي آ، ھر ڳالھه ٻي مون وٽ کوٽي آ
غدار وطن مان ناھيان ناھيان، باغي آھيان باغي آھيان

منشي جي سڄي شاعري کي سھيڙي گڏ ڪرڻ ۽ ڪتاب ڇپرائڻ تائين سڄي جاکوڙ ۽ جدوجھد جو سَھرو غلام محمد آزاد جي سِر سُونھي ٿو جنھن وڏي محنت ڪري منشي جي سموري شاعري کي گڏ ڪرڻ، سنڀالڻ ۽ عوام جي ھٿن تائين پھچائڻ جو تمام انوکو ڪم سرانجام ڏيندو رھيو آھي . کيس لکين آفرين.

عبدالرشيد سومرو
صحافي جنھاڻ سومرو