راز
ڳالھائڻ تو ڳُڙ جون ڳڙيون سوين چُريا ڄڻ ساز ڪئين
سانڍي رکيا سيني ۾ مون راڻل تنھنجا راز ڪئين
عرض ڪريان ٿو اڳيان تنھنجي آزي يار نيازي
پيار پنھنجي جي پارت پيارا دنيا دوکيبازي
جھرڪيءَ وانگر جَھٽي نه وڃنئي ھتي ھلن پيا باز ڪئين
ننڍي لاڪُر نينھن تنھنجي جون نس نس ۾ آھن ناڀُون
تو بِن پيارا ائين پچان ڄڻ ٽانڊن تي آ ، آڀُون
ساري حياتي سِر تي کڻندس نازڪ تنھنجا ناز ڪئين
اجرڪ اوڍين ائين لڳين ٿي ڄڻ ڪنھن ڪاڪ جي مُومل
نيڻ نشيلا ناحق ڪيڏا واٽ ويندن کي ڪن قتل
سوين ته تو سوگھا ڪيا شاھ، گدا، شھباز ڪئين
ڪينجھر ۾ ڄڻ ڪنول لڳين ٿي، ناز ۽ انداز ڪري
راءِ ريجھائين رمزن ۾ نُوريءَ وارا نياز ڪري
منشيءَ جو من موھي مَنڊيو، ڪري قريبا ڪاز ڪئين
(1999ع)