مرحوم نجم ميمڻ جي ياد ۾
وڌي وڻ ٿيو مس مس ته وڍجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ڦٽُو وڻ دڙي ۾ املتاس ھو
جنھن خوشبوءَ مان ھر ڪنھن وتو واس ھو
اُڃاين پانڌيئڙن وڏي آس ھو
گھڻو وقت کان اڳ ۾ وٺجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
جُھميل ساڻ جُھوڙن جنھن جون ٽاريون
پکين جون پڪارون جنھن تي پياريون
جنھن جي ڇانؤ ڪچھريون قرب واريون
ڪري ياد، دل ٿئي ڦٽي ڦاريون
اجل جي ھٿان پاڙان پٽجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
اچي جُنگ جواني ھئا ڪڍيا انگور
سونھن سَت رنگا گل ٻيو لامن ۾ ٻُور
ويھڻ سان وڻ ھيٺ سڀ ڪجھه سُرور
جنھن جو درد دل کان ٿئي دم نه دُور
وڏي واءُ ۾ وڻ سو وٺجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
اھو وڻ نشامبر ھو نِج نجم
جنھن جا ڏار پکڙيل ھئا پورب پَڇم
سنڌو لئه سٺا جنھن سدا سِر ستم
مٽيءَ ماءُ سان گڏ ھُو گڏجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
لاکيڻو سڄي لاڙ جو ڇٽ ڇڳُير
سندس وار سونا، پوڄڻ جھڙا پير
سدا مُرڪ مُنھن تي نه ڪو من ۾ مير
ڪُنڍو نڪ ڪماني ڪري ڀيٽ ڪير
سفر ڪنھن وڏي ڏانھن سڏجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ٻئي چشم چشمي ۾ چشما ٻه ڄڻ
کڻي نيڻ کجڪي کِڙي ڄڻ کنوڻ
ڏسي نيڻ نجم پيا حيرت ھرڻ
ھلڻ ڄڻ حقيقي ھو مورن ٽِلڻ
سڄي کير کان پاڻ کسجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ڏسي بت بيھڪ ٿيا صنوبر لڄي
ٻٽيھه ڏند موتين جي مالا سڄي
جي ڳالھائي ڄڻ جلترنگ ويا وڄي
جڏھن چپ کلڻ سان ويا ٿي کڄي
ڪڪر جيئن تارن تان تڙجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
سُخن ۾ سچو ھي سنڌوءَ جو ٻچو
سدا سڏ سانگين کي اچوڙي اچو
آزاديءَ لئه پڙ ۾ پتنگ ٿي پچو
سڄي سنڌ سنگھر ۾ بچايو بچو
نه ھڪ منٽ مارن کان مٽجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ھوڪا حق ھميشه ھُو ھڻندو رھيو
سوين سِر تي سختيون ھُو سھندو رھيو
سدائين سچي راھ رڙھندو رھيو
۽ وانگين جي ويرين سان وڙھندو رھيو
اجل باز جي ھٿ ھُو جھٽجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
ارادي ۾ پختو جبل جيئن اڏول
نه ڪو ساھ سانگو نه ھينئڙي ڪو ھول
سو پاري ئي پاري ڪيئين جيڪو قول
نه ٻوليو زبان مان ٻيائي جو ٻول
اڌورن ارادن ۾ رھجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
نجم ري اُھي ڏينھن راتيون ڪٿي
دڙي ۾ برھ جون سي باتيون ڪٿي
لاکيڻي، لاکيڻون سي لاتيون ڪٿي
ڳُڻن ڀريون ڳالھيون ڪھاڻيون ڪٿي
ڏسي موت ھر دل دھلجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
اڙي موت توتي اچي موت شال
ڪيمياگر ھي ڪُونڌر ڪُٺئي ڪھڙا ڪالھه
جيئڻ جيءَ جَلين جو جِنين ري جنجال
ھڻي پيئي ڌرتي ڌَڪن تي ڌمال
منشي من مڻئي جيئن مڙھجي ويو
۽ ڪوئل جي ڪُو ڪُو کان ڪٽجي ويو
20.01.1981