نظم
ٻيون سڀ راھون رد اٿيئي، راھوءَ واري راھ کپي
چوڏس چڻگون، چڻگون ٻاري، چاھت اھڙي، چاھ کپي
آڌي مانجھي، صبوح ۽ سانجھي، وِير وڙھيو ٿي وانگين لاءِ
ڏاڍ جبر سان جنگ ھئي جاري، ھن جو جھيڙو جھانگين لاءِ
ساھ سلھاڙي سُورھ ڇڏيو، سنڌ امڙ جي سانگين لاءِ
گھور امڙ تان گھوري ڏيندس، سنڌ کي جي مون ساھ کپي
ڪوڙا ماڻھو، ڪوڙيون ڳالھيون، ڪوڙا ڍارا ڪوڙيون فالون
ڪوڙا ليکا ڪوڙا چوکا، ڪوڙا مرد ۽ ڪُوڙيون زالون
فاضل کي ھو فڪر انھن جو، جن جي پيرن ڇنل ڇالون
ٺوڪي ٺاھي ھن چيو ٿي، ڪونه ٺڳن سان ٺاھ کپي
ڪنھن کي ساڙھي ، ڪنھن کي ڏاڙھي، ڪو پيو ڪوڙي ڏاڙھ ڏھاڙي
مُنھن موچارا دل جا ڪارا ، ڀونءَ جي ڳالھه تي سڀيئي ڀاڙي
ڌارين جا ھي ڦريون، سنڌ ته سورن ساڻ سلھاڙي
اَن کڻي ويا ڌَنَ کڻي ويا، گرگن کي ھاڻ گاھ کپي
کاشا ھڻيو ھِت روز کڳيون، مسڪينن سان ڪن ٿا ٺڳيون
لھري تن جي جيڪي لڳيون، تن کان وييون پويون اڳيون
اھي ته ڪنھن جو سيڻ نه سڳيون، ڌرتي سان دونھيون ڌڳيون
فاضل اچ ته فيصل ڪريون، بنڀور واري باھ کپي
سُکي ستابي آبي تابي، سنڌ سموري ڏسڻ گھرون ٿا
ڏسڻ گھرون ٿا چُرون پرون ٿا، ڪنھن جي سيني سَپ سُرون ٿا
جيئن جُھرون ٿا تيئن ٻُرون ٿا سچ ته موتين جيئن پُرون ٿا
ڇڏيو اسان وٽ ڇا ھي ھنن، ھاڻي ماڻھو ماھ کپي
پَٽ پنجابي پاڻ کڻي ويا، پورھيو سڀ پٺاڻ کڻي ويا
ڪھڙي ڏِس کان قاتل آيا، سوني ڪراچي کاڻ کڻي ويا
لانگ بوٽن جي لانگ لڳي پئي، ڀاڳين جا سڀ ڀاڻ کڻي ويا
واھن ۾ پئي واري اڏامي، ڪنھن ڪرڻ ويساھ کپي
ڪير لٽيرا ڪير ھت لوٽا، ڪھڙا سچا ڪھڙا کوٽا
ھڪ رسي ۾ جوٽيل جوٽا، نيئپر جا سڀ پوٽيون پوٽا
ڪن جون رھڙون ڪن جا رونٽا، ڪن جا ٺونشا ڪن جا سونٽا
منشي ماٺ گھڻيئي ماريا، وانگين ٻي ڪا واھ کپي