غزل
راھُو جو رُوح پيو پُوڪاري، ھتي جي ھيڻن ھارين کي
پُختائي پيغام مُڪائين، نِڌر نماڻين نارين کي
حق حقيقي ھڪ ھڪ پنھنجو چوران چُڪائي وٺڻو آ
ڇيھان ڇيھه به ڇڏڻو ناھي، ڌرتيءَ تي ھن ڌارين کي
روڄ ۽ راڙو ٻڌندو پاڙو، ڪر نه اگھاڙو پاڻ کي پنھنجو
الري اڀري اسري نِبري، چَٽ ڪري ڇڏ چارين کي
وڻ وڻ کي پيو واءُ ٻڌائي، تيز تکا طوفان اچن پيا
پاڙون قوم جون پُختيون آھن، جھونڪا ايندا ٽارين کي
اڄ سڀاڻي سنڌ سياڻي، وَھنجي اُٿندي رت ۾ راڻي
پرکا مُنشي پوندي پاڻھي، ڏيھه ڌڻي ۽ ڏوھارين کي
28.01.1988