خط خطن تي
خط لکيا مون خط خطن تي، خط نه لکيو يار خط
ھي به تن سان گڏ لکان ٿو، روئي زارو زار خط
راز دل جو روبرو جيڪر نٿا ڏيو جاز وَر
ھن برھ بيمار کي لاچار لک ھڪوار خط
جي اوھانکي وقت واندائي نه آھي ايترو
مھرباني سان لکو بس ڪي اکر ٽي چار خط
جو جدائي ۾ جَلي جيئري جنازو ٿي ويو
تنھن سڪايل کي لکو سڪرات ۾ سرڪار خط
ڇا لکان ليکو لکڻ کان آ لنبو لاشڪ گھڻو
سوز جي ساڙيل کي سھڻا صرف ڏيو سڌ سار خط
مِڙ مدايون مُحب مون ڏي ڪر مٺا مونکي معاف
پاڻ تون پنھنجو سڃاڻي لک پرين ھن پار خط
تنھنجي محبت جو قسم ھي خون دل جو اڄ ڪڍي
ترت تنھنجي لاءِ مون تازو ڪيو تيار خط
تو ڪيا بيمار خود بيمار ھڪ بيمار ڪئين
پوءِ برھ جي بيمار کي بيمار لک بيمار خط
جا دکايل دل ڪري ٿي دانھون تنھنجي درد ۾
تنھن ته دلبر دل ڏُکيءَ کي دوست لک دلدار خط
حال ٿيا ھيڻا ھجر ۾ ڪل نه آندي ڪنھن وري
ڪنھن ڪبوتر ڪانگ يا قاصد نه آندو ڪار خط
جيئن ولر کان ڪونج وڇڙي ۽ روئي ريھون ڪري
تيئن روئان مان رات ڏينھن ٿو من ملي منٺار خط
ماٺ ڪر منشي تون مخفي مام رک من ۾ مُدام
اڄ صُباح ايندا سگھا سڄڻن ليکا پنج چار خط
28.2.1962
رمضان المبارڪ – مولچند ٻيلو