بيت
سنڌوءَ سينڌ راھو رات ڀري ويو
پل نه ھڪ پاسي ٿيو، ڪنا ڏوٿين ڏُور
ماڻھن ۾ مذڪور، ته راھو رُڃ ڪري ويو
راھو وڏي رک، سدا سانگيئڙن جي
ڌاڙيلا ڌرتيءَ تي، لٿا اچي لک
پر، اڳيان فاضل اک، پر نه پٽي سگھيا
آيو المناڪ، واقعو ويڙھيچن تان
جھانگيئڙن جھوري وڌو، فاضل جي فراق
ڪيڏو منجھند ٽاڪ، ڪاڙھو رھيو قوم ۾
فاضل ۾ڦيرو، ڪڏھن آيو ڪين ڪي
لاکيڻي لالچ تي، من نه ڪيو ميرو
نينھن نبيرو، سُورھ ڪيو سنڌ سان
جڏھن به ڏکيا ڏينھن، ڪڙڪي آيا قوم تي
مانجھي آيو ميدان ۾، شونڪو ھڻي شينھن
نازڪ راھوءَ نينھن، ثابت رکيو سنڌ سان
وڏا راھوءَ وڙ، ڪيا پنھنجي قوم تي
بيٺو ھُو بند ڪيو، درندن جي دڙ
ھن ته جابر جڙ، ٿي پٽڻ چاھي پٽ مان
وَڌو وَڌو ويڙھ ۾، فاضل جو فرمان
سانڍي رکجان ساھ سان، ڌرتيءَ جو ڌيان
متان غير گمان، آڻيو آزادي ۾ . !!
سنيھا ساري سنڌ کي، راھو مُڪا رات
سر ڏيئي سوغات، امڙ کي آجي ڪريو
راھو رنگ ڪيا، ڪيڏا پنھنجي قوم لئه
جھر جھنگ جھاڳي جھريون، آيو اڻ ميا
درندن ديا، ڪُونڌر ڪڏھن ڪانه ڪئي
ڪينجھر، ڪاورنجھر ٻئي، راھوءَ رُنا رت
ڪوٽ ڏيجي ڪَر کڻي، پرکي ڏني پت
آڇيا انگ اُڇت، پاونگ فاضل پِڙ ۾
سنڌوءَ سونھن سُسي وئي، فاضل وڏي وَٿ
ڪِرشن مُنھن تي بانسري، راھو ھٿ ۾ رَت
سڳر ساٿ ۽ سٿ، راھو رات رُلائي ويو
راھو تنھنجو رنگ، ڪونه ڄاڻي ڪو ٻيو
تو ته سنڌوءَ، تان گھوريا، نياڻيون ۽ ننگ
جيلن سان تو جنگ، وڙھندي ورھن کان ڪئي
راھو رُڃ ڪري وئين، راڄ روئاري رات
تنھنجي ٽڪر ٽوڙيا، ڪيڏا لات منات
سنڌوءَ کي سوغات، ڪونڌر ڪنڌ ڏيئي وئين . .!!
راھا گھڻا راڄ ۾، ھي راڄن جو راھو
اصل اباڻن جو، آھو ڪر لاھو
ڏونگر ھي ڏاھو، ڪيڏا ڪَٽي آئيو . . !!
راھا تنھنجو روپ، پرکندين پڌرو
جھڙو اندر اُجڙو تھڙو ڌرتيءَ ڌوپ
ٻيائي ٻھروپ، فاضل ٻئي فنا ڪيا . .!!
فاضل جي فراق ، متيون مُنجھائي ڇڏيون
ڌرتيءَ تي اڄ ڌاريان، ڪيڏا خوش ڪذاق
ھاڻو ھيبتناڪ، دھشت راھو دھليا
مصري ماکيءَ کان مٺو، يار جو ھو يار
فاضل ڦونڊ نه سکيو، ڌرتيءَ جو ڌوپار
سنڌڙيءَ جو سينگار، راھو رات رمڳيو
راھو ھو راکو، اصل اباڻن جو
بانڪو، بي ساکو، ڪڏھن نه ٿيو قوم ۾
فاضل سڀ ڦٽا ڪيا، قومي ڪم ري ڪم
وڙھندو رھيو ويرين سان، جيسين دم ۾ دم
کنيا ھن کڙيا ڪري، غريبن جا غم
ويڇا ۽ وھم، راھو رکيا ڪين ڪي
راھوءَ لئه روئي ، ڪڍيا پار پنوھاريين
ڪولھي ڀيل شڪاريين، ڪونه بچيو ڪوئي
ڌرتيءَ کي ڌوئي، راھو ويو رَت سان
راھؤ جي رغبت، ماريل ماروئڙن سان
ڌارين لئه ڌرتيءَ سان، ساڳي گنيئر گت
ھئو حقيقت ۾ اباڻن آٿت
سورھ فاضل سٿ، ڏسان نٿو ڏيھه ۾ . . !!
راھؤَ جو رھيون، ڳالھيون ڳوٺاڻن ۾
اڻ مِٽ امر رھنديون، ڪونڌر جي ڪيون
اھي اڻ ميَون ، وسارڻ کان وڏيون