شيرِ سنڌ مير رسول بخش ٽالپر جي عقيدت ۾
مير ته مرندا ڄمندا رھندا، پر مارن جو ويو مير مري
ڳڻتين ڳاريل ڳوٺاڻن لئه، ڏاڍي ٿي پئي ڳالھه ڳري
مرد مٿير تو موت نه ھو ڄڻ، ويڙھيچن تان وِڄ ڪري
واءُ اڻائو وانگين وريو، بي مُندائتي مُند ڦري
سنڌ سڄيءَ جي سورن ساڙيل ، سانگين لئه ھتي توتي سِري
ٻاٻاڻن جو ٻيلي ھئين اڄ، ٻاٻاڻن لئه ٻُنڀا ٻري . . .!!
ھر ھڪ حاڪم ، جابر سان تو، جنگ ڪئي ۽ جيل ڪٽيا
وقف حياتي ، خلق جي خدمت، وانگين لئه تو وِرھ وٽيا
سي شل سلڙا سڀرا مورن، تو جي ٻنين ٻج ڇٽيا
ڀونءَ جي ڀٽڪيل ڀاڳين لئه تو، ڳاٽي چائي ڳري ڀري .. !!
تنھنجي عظمت، تنھنجي شفقت، تنھنجو مذھب، ماڻھو محبت
شيرِ سنڌ جو شرف آ توکي، مليو واقع حق حقيقت
داد ڏنو ٿي دشمن توکي، ڏسندي تنھنجي ھمت جرئت
ڪين جھڪايو ڪنڌ ڪڏھن تو ، ظالم اڳيان ذات ذري . .!!
وريا وڇوڙا، گھوڙا، گھوڙا ڇورا ٿي وئي ڇانگ سڄي
لوئيارن جي لوءِ پيئي لٽجي، ٿي نسوري نانگ سڄي
ھَئي ھَئي ، گھوڙا ھنج ھليا ويا، ڪانگ ڦِڙي ويا ڦانگ سڄي
ڏيھه ڏسان ٿو ٿو ڏوٿيئڙن جو، ڏک ۾ پئي ٿو ڏيل ڏري . .!!
جنھن به سُوراتي سڏيو توکي، تنھن ڏنو تو سڏ سان سڏ
ٻيڙين ٻاڌارا، ٽانگن وارا، گدلا، گرڙا توسان گڏ
ڪاڙھن ڪاڙھيا، سماج ساڙيا، توسان گڏ سي ھيڻا ھڏ
اُٿي ۽ ويٺي اون انھن جي، ڄڻ ٿي تنھنجي کيپ کري . .!!
منشي موت نه ماري سگھيو، اھڙا مانجھي مرد مٿير
ھِتي ھُتي ھُو آھن حياتي، پردي پويان آھن پير
موت کائي خود مات ڀڄي ويو، ھُو ته سڻاوا ڪن پيا سير
مگر وڇوڙو وجود اسانجي، وڏي ڏيئي ويو ڄڀي ڄري . .!!