واپار جو ڪيو مون
واپار جو ڪيو مون، سو دل کان دور ڪونھي
گھاٽي يا فائدي ۾، ڪنھن جو ضرور ڪونھي
جاءِ چڱي مون جوڙي، کولي ڇڏيم ٽجوري
بازار جي ٿي وئي موڙي، تنھن جو ته سُور ڪونھي
اوڌر ڪيم الاھي، پئيسو رکيم نه پائي
سڀ ويا وچان سا کائي، حاڪم حضور ڪونھي
پنھنجا ڪنھن سانگ سانگي، آيا اتي اورانگي
سمجھيا مون پاڻ وانگي، پر اکين ۾ نور ڪونھي
واپار مُٺ جيئن وارِي ، سا ڪانه مون سنڀاري
پنھنجن کي مون سيکاري، سمجھيم قصور ڪونھي
جا ڪمپني بنايم، آڏو ڦري سا آيم
ھڪ ڏينھن نمي نھاريم، آسڻ مزور ڪونھي
ايڪھٺ سال ٿيو پورو، منشي ڪيم مشورو
ويو فائدو سمورو، مرڳوئي مُور ڪونھي
12.1.1962
حيدرآباد سنڌ