دل وڃائي ويٺاسون
عشق اڌورو، پورُو سُورو، اسان بار برھ سِر ڌَرياسون
ناحق نازڪ نينھن اڙائي، دل وڃائي ويٺاسون
دل ڏنيسون، ڪجھه نه مليوسون، ڏک ڏٺاسون ڏاڍا
قلب مٿان کڻي ڪات ڪھاڙا، جيئن ور ڏيو وڍين واڍا
دردن اچي ديرو ڄمايو، اسان شوق شباب ڇڏياسون
سودو ڪيم سمجھي سھانگو، پيو تن جو مُلھه مھانگو
اديون البته عشق اڙانگو، نينھن برابر نانگو
تار تکي کي سمجھي تانگھو، جيرا جوش جلاياسون
جتي باھ ٻري، اھا جاءِ جلي، قدر ٻئي کي ڪھڙو
سُور اسانجي جي سُڌ اسانکي، ٻيو ڀانئي مون جھڙو
رُوح ڏٺوسين رِيجھه ڪرڻ لئه، ٻيڻا ڦڦڙ ڦٽاياسون
منشي من جو محرم ايندو، روئڻ مان ڪجھه ڪين ڪي ٿيندو
سدا خزان جو دؤر نه ھلندو، ڪڏھن ته بھار به کلندو
آئي عجيب جي عيدون اينديون، گڏجي گھر گھر گھمنداسون
(1949ع)