نرالا نظارا
خدايا تنھنجي قدرت جا، نرالا ٿيا نظارا سڀ
ڪٿي ماتم، ڪٿي محفل، اھي آھن اشارا سڀ
فنا کي تو پناھ ڏيئي، رکيو آ رنگ اھڙي ۾
مُنجھي پيا موھجي مانجھي، اڇا البته ۽ ڪارا سڀ
ڪنھين کي باغ ۽ بنگلا، عجب ٻيا عيش دنيا جا
گنديءَ ۾ ڪي گذارين ٿا، سدا سانوڻ سيارا سڀ
سڏائي ڪو پيو صوفي، سڏائي ڪو پيو صاحب
وڃون ڪيڏانھن اسين ھاڻي، چُڪي ويا چلڻ چارا سڀ
پنڻ لئه پير پيا ڪاھي، مُريدن کان گھڻا مُرشد
چَرس آ چالو آ چارئي پھر، پر آھيون پاڳارا سڀ
ڏسي ھي رنگ دنيا جا، نه دل کي وجھه دليلن ۾
خدا کي ياد ڪر “منشي” ڇڏي ڏي ٻيا خسارا سڀ
2.6.1962