بتي، بوڪ پين سان جھيڙو
رھيو آ روح کي باقي، بَتي بُوڪ پين سان جھيڙو
سراسر آھي سيباڻو، صنم جي سين سان جھيڙو
گذاريان ڏينھن ڏکن ۾، ۽ روئڻ لئه رات ڪافي آ
لکڻ سان لُڙڪ ڪن لارون، لڳائي لين سان جھيڙو
سمھڻ سان سُور ڪن سنگھرون، ستائي سار ساجن جي
اکين جو ٿي پوي آرام، ۽ ٻيو چين سان جھيڙو
نياپو ننڊ جو جيڪر، کڻي آئي اوٻاسي ڪا
اُڀا نشتر عجيبن جا، نوان ڪن نين سان جھيڙو
رھي مذڪور منشي کي، مدامي محب جو من تي
سنجھي کان آ صُبوح تائين رھيو بس رين سان جھيڙو
3.5.1962