نور جو لاٽون
اکر اکر کي اکيون ڏيئي، تو جي بيت بنايا
نابينن لئه نُور جون لاٽون، جھر جھنگ جھرمر لايا
وينجھر ويھي جيئن ونڌ ونڌي، موتين جون مالھائون
سِٽ سٽ تنھنجي اھڙي ، لاڏي لھي جيئن لائون
نظم، غزل ۾ ڀري ڇڏيون تو، سانوڻ ھير ھوائون
سنڌ سڄيءَ کي سڳنڌ ڪري وئي، ملاح تنھنجي مايا
ٻاٻاڻن کي ٻولي ۾ تو، ڪامل سڀ قرآن ڏنو
سولي منھنجي سمجھاڻي ۾، مارن کي تو مان ڏنو
ڪيڏي فھم فضيلت سان تو، فائق ھي فرقان ڏنو
علم، عقل ۽ فھم، فڪر سان، سڀئي سخن سمجھايا
ڪامل ڪافيه، رديف تنھنجا، بيشڪ سھڻا بحر وزن
ھر ھڪ مصرع مصري ڳڙيون ، ماکي کان وڌ ميٺ منجھن
ڄڻ ڪي پوتيل تسبيح داڻا، داڻو، داڻو دُرِ يمن
ورق ورق کي ورکا ڏيئي، ت کٽڻھار کڙايا
علم ادب جي ملاح مڪڙي سينگاري تو آندي سِير
دريا توکي داد ڏنو تو ويرون واري ڇڏيون وير
ڳايو ڳايو ڳاھون تنھنجون، پرچارون ڪن پير فقير
جھالڪ جھاٻا جھانءِ جھنجھيري، لفظن ۾ تو لايا
سپن پيٽان موتي ميڙي، بند بند ۾ تو بند ڪيا
کارا، ٻاڙا، ٻول مٽائي گوھر تو گلقند ڪيا
جوت ڏنا جي جملا تو سي، پيار ڏيئي پيوند ڪيا
ٻاڙوڌي جيان ٻوڙ ڪري ٿي اکر تو وٽ آيا
سچل ، سامي، شاھ ڀٽائي، اڃا آھي چون اياز
ھر ڪنھن پنھنجو پاڻ سان آھي، بغل منجھه بيازُ
تنھنجون پنھنجون سونيون سنگھرون تنھنجا پنھنجا سوز ۽ ساز
ھر ڪو منشي خيال جو مالڪ، ھر ڪنھن پنھنجي روح جا رايا
2.2.1998