نظم
راھو تنھنجا رنگ نرالا، جُڳ جُڳ جيئدين جُنگ جوالا
مارن جي تون من جي مالا، دشمن لئه تون بڙڇيون ڀالا
راھو توريءَ رُڃ ڏسان ٿو، ماريل مارُو مُڃ ڏسان ٿو
ڏاڍي تنھنجي اڃ ڏسان ٿو، سکر بکر سُڃ ڏسان ٿو
تون ماڻھو، راڻو، داڻو ھئين، تون جھانگيئڙن لئه جُھڙ جا جھالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!
تو سَٽ پچائي سورن جي، تو مدد ڪئي مجبورن جي
ھي ڌرتي کانيل کورن جي، دولاپ، دغا دستورن جي
تو ڌوتا ڌڪ ڌنارن جا ، پر اڃان به ڪجھه ھئا آلا آلا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . .!!
راھو رھندا راڄ ڏسي وئين، ڪيڏا تن جا ڪاڄ ڏسي وئين
ڀاڙين، مڙسن ڀاڄ ڏسي وئين ، ڪي ڪي ڌرتيءَ ڌاڄ ڏسي وئين
نينھن نڀايو ڌرتيءَ سان، جن پيئندي زھر جا پُر پيالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!
وردين جو تون ويري ھُئين، ۽ پنوھارن لئه پيري ھُئين
تون ڌارين جا جي ٿم ۽ ٿاڻا ڪانِ انھن لئه ڪيري ھئين
توکي سنڌ جا سارين ويٺا ڪولھي، ڀيل، شڪاري ، ٻالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . .!!
ڄام کڻايو نوريءَ ڄارو، راڻي تي ڪيو مومل مارو
سُور سنڌؤَ جو سر تي سارو، کلي کنيو تو ڏيئي ڏارو
منشي من ماروئڙن لئه، تون ھئين ڄڻ موتين مالا
راھو تنھنجا رنگ نرالا . . !!