ڪُھندو وڃي
ڏس قدم ڪھڙي طرح ھُو خار مان کڻندو وڃي
تير چشمن جا چِٽي، ھينئڙي اندر ھڻندو وڃي
قياس مان ڪجھه ڪين ڄاڻي، رحم جو ناھي رواج
ڪان سو قاتل کڻي، قابل ته ڪيئن ڪُھندو وڃي
ناز جا نيزا وٽس ۽ ٻيا ڀرُون ڀالا کڻي
جيئن اچي مارڻ لئه مون ڏي، تيئن وري وڻندو وڃي
حال دل جو مون حبيبن، جي اڳيان جو پيش ڪيو
سو سڄو بيڪار ويو، ڪئين سنگدل سڻندو وڃي
مست منشي ساڻ مولا، ھڪ دفعو مرڪي ملاءِ
جنھن جدائي منجھه جاني، سوز دل سڙندو وڃي
13.4.1961
نودو ٻارڻ