سڏ وراڪو
سنڌ امڙ جو سڏ وراڪو، واڪو، واڪو
ڌارين جو ڌرتيءَ ڌاڪو، واڪو، واڪو
قوم جا ڪونڌر قوم جي ڪارڻ، ڪوپا پنھنجا ڪنڌ ڪپايو
چورن سان اڄ چڪريون کائو، پنھنجي ڀونءِ بچايو
ھيڏي ساري ھل ھلان ۾، سوڍا پنھنجا سينا ساھيو
ڪاڪ محل جا اڏيل اڏائي، نوان ڪي نڪور ٺاھيو
سِر اڏيءَ تي آڪو آڪو، واڪو واڪو
ورو وڃڻ جي ويل وڃي ٿي، پر به ويئي ھيل وڃي ٿي
مور مرن پيا، ڊيل وڃي ٿي، ڀونءَ تي وڌندي ڀيل وڃي ٿي
گھر گھر چڙھيو ايل وڃي ٿي، جيجل بڻجي جيل وڃي ٿي
قومن جي آزادي واري، راڻا، جاڳو ريل وڃي ٿي
ھنيو آ دليرن دھل تي ڏاڪو، واڪو، واڪو
سونھن سنڌوءَ جي سستي سستي، لٽجي پيئي بستي بستي
منگھي پير جا واڳيل واڳون، تن ۾ ھيڏي ھستي ھستي
ھي منھن ڪارا وردين وارا، درندن سان آھن دستي دستي
مادر لئه ميدان ملھائڻ، آھي اوھانجو انگ الستي
منشي ٿيندو ڌوم ڌماڪو، واڪو ، واڪو
(18.3.1990)