نظم
ھُو راھو راڄن راڻو ھو، ۽ ماڻھو موتي داڻو ھو
ھو ننڍي وڏي ۽ ٻار ٻُڍي سان، ھر دم ھاڻو ماڻو ھو
ھي سنڌي ماڻھو تارا تارا، ھُو ته سڀن ۾ چنڊ چٽو
ڳولي لھندين اھڙين ڳالھين، ڇھن ڪروڙن منجھه ڇٽو
جھڙو اندر تھڙو ٻاھر، اڇو اجرو چٽو پٽو
ھو ڄارين ڄاين ڄاڻو ھو، ۽ ڪڏھن نه ڪوماڻو ھو
ھن جوڳ پچائي جوڙڻ جي، ۽ ڪڏھن ڪين ٽوڙڻ جي
ھو سانگين جھانگيئن ساٿي ھو، ۽ مُور نه ڪئي مُنھن موڙڻ جي
ھو تار مان پار اُڪارڻ وارو، ٻولي نه سکيو ٻوڙڻ جي
ھُو قوم جو نقد ناڻو ھو، جو ڪنھن در ڪين وڪاڻو ھو
ھو بيٺو آھي ھُجُومن ۾ ڏس، ھماليه جيان ڪر کڻي
سنڌوءَ جي سڏ سان سڏ ڏيئي، وانجھي آيو ور کڻي
پٽ به پيءُ جي پنڌ جو پانڌي، ساڳيو اچي پيو سُر کڻي
ھُو ڀونءَ جي ڀاڳين ڀاڻو ھو، ۽ مور مکڻ جو چاڻو ھو
ھو يارن جو ھو يار سدا، ۽ ٻول مٺا سرڪار سدا
۽ جھر جھنگ رھندڙ جھانگيئڙن لئه، ھيرن جو ھو ھار سدا
ھر راڻي راھو روح ۾ رھندو، وانگين جو ويچار سدا
ھُو اٿ ويھه منجھه اياڻو ھو، پر سيني سوچ سياڻو ھو
ھو ڪڏھن اعلى امير ھيو، ۽ ڪڏھن قيد اسير ھو
پر کاھڙ وارن ساڻ ھميشه، جھڙو کنڊ ۽ کير ھيو
۽ ديس وندن جا درد ڏسي بس، ٿيندو ھو دلگير ھو
ھي ديس اھڙو ديپ اجھاڻو ھو، جو سنڌوءَ سَنڌ سَنڌ ساڻو ھو
ھن پنھنجي حياتي ڪري ڪڙي، ھر جابر سان ھئي جنگ لڙي
ھر ڪنھن وقت تي کليل ھن وٽ، ماروئڙن جي لاءِ مڙھي
اڄ سو راڻو راڄ ۾ ناھي، ڄڻ ويئي ساري ڪاڪ ڪڙھي
ھن سانگين سٿ سيباڻو ھو، ۽ پنوھارن لئه پاڻو ھو
ھُو ڇَنن ڇورن ڇَٽ ھيو ، ۽ پاڻ ئي پنھنجو مٽ ھيو
ھو سنڌ سڄي کي ناز مٿس، ھر ڏک ۾ ھر ڪنھن وٽ ھيو
ھو آسوندن جي آس سدا، ۽ سانگيئڙن سان سَٽ ھيو
ھو ٿاڪ ٿڪين لئه ٿاڻو ھو، ڪڏھن الجھي ڪين اجھاڻو ھو
ھُو خوش سدائين خدمت ۾ ، ڪو ھن جو مٽ نه ھمت ۾
ھو بانڪو شير بھادر بيشڪ، ڪو جھڙس ناھي جرئت ۾
منشي ھن جو مٽ نه ٿيندو، ڪو شان و شوڪت شفقت ۾
ھر ھر ھڪ ساھ سِيباڻو ھو، اڄ لوٺو يار لڊاڻو ھو