ڪنگن جا منھن ڪارا
قمري جھيڙو جھيڙيو آھي، ڪارن ڪارن ڪانگن سان
بازن سان، شھبازن سان، ڏيھه ڏنگيندڙ نانگن سان
قمريءَ سان گڏ طوطا، تاڙا، مور، ڪبوتر، ڳيرا ڳاڙھا
ٽاريءَ ٽاريءَ ڪوئل ڪوڪي، ڪونجن تان لٿا قحط ۽ ڪاڙھا
ڪُنَ ڪلاچي تي ڏس ڪيڏي، ويڙھ ھلي پئي واڳن سان
آکيرن مان اکيون کولي، ھر پکي پيو ٻوليون ٻولي
امن، امن آواز اچن پيا، وڻ وڻ مان اڄ ھولي ھولي
مور نچن ٿا ڪارونجھر تي، ڀاڳ وريو آ ڀاڳن سان
سرخابن ۾ سونھن سوائي، مدت کان پوءِ موٽي آئي
نرڳين کنئي سر تي ساھي، ھيڙي پنھنجي ھُوڪ ھلائي
ٽوٻر اڄ ٽڪرائي ويٺو، تارن سان ۽ تانگھن سان
پارھيڙين ڍَٻ، رَڇ ويڙھيا، پکين پنھنجا پر پکيڙيا
ھنجن ھر جاءِ موتي ميڙيا، ڪنگن جا منھن ڪارا ٿيئڙا
قمري باب مان ڪوڪ ٻُڌائي، منشي مڌر آوازن سان
(1990ع)