نظم
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو، دنيا ۾ ھُو دنگ ڪري ويو
ھر جابر سان ھُو جنگ ڪري ويو، راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو
مانجھي ھو مھراڻ سڄي ۾، چئين ڏسيين چوٽان چوٽ
گھر گھر ۾ ھو گُھوگُھو واڄو، گھوڙا ، گھوڙا، ھھڙو گھوٽ
سنڌ امڙ جو سڏ پيو ڪَن تي، ايندو اُلري ھو اڻموٽ
ڏکين، بکين، ماريل ماڻھن، ھي ته ھميشه اڀرن اوٽ
جتي مٿيرن مارڪون ملنديون، سؤ اُتي انگ ڪريو ويو
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !
ھر جابر لئه ھو جوکو ھو، ۽ ابليس لئه اوکو ھو
ھٿان ھچارن موت انھيءَ جو، ديس سڄي سان دوکو ھو
ھو چندن ول جيان چوکو ھو، ۽ سانگيئڙن لئه سوکو ھو
ٻج ٻاجھارو، نينھن جي ناڙي، پيار ڀريو ھو پوکو ھو
سنڌ ٻنيءَ کي ريج ڏيئي رت جو، سونا سونا سنگ ڪري ويو
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !
ھن بسنت رُت جي برکا ڏسندي، پير ڀريندي پاتو ھو
آزادي جي اک ڏسڻ لئه، اندر ھن جو آتو ھو
ھر سڏ سنڌوءَ سان حاضر ناضر، کليل ھن جو کاتو ھو
ھن پيچ ڪو پختو پاتو ھو، ۽ نينھن ڀريو تنھن ناتو ھو
ھو ڏاڍ ڏمر ڏھڪاءُ کي ڏاري، جيئڻ جبر جو تنگ ڪري ويو
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !
ڇانوڻين ۾ ڇرڪ پيا ٿي، راھوءَ نالي ڪيڏو راز
تنھنجو نالو ھو ڄڻ ڀالو، دشمن ديس مٿان شھباز
سنڌ وطن جي سانگي ھر ھڪ، ننڍي وڏي جو تنھن تي ناز
چُرندا رھندا ٻُرندا رھندا، سُرندا رھندا، تنھنجا ساز
آگم، آگم ويس وسڻ جا، اُڀ ۾ ڪئين آڙنگ ڪري ويو
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !
ھو آجائيءَ لئه آيو ھو، ۽ سنڌوءَ جو سرمايو ھو
ھن قوم جو ڪيڏو بار ڳرو ڏس، پنھنجي سِر تي چايو ھو
ھن ڏينھن تتي ۾ ڏونگر ڏوري، ڏک کان بُت به بچايو ھو
ھن قوم جي ڪارڻ قيد ڪٽيا منجھه، جيلن پاڻ جلايو ھو
پرکا پرکيءَ جي ھن پِڙ ۾، پوريون ڏس پاونگ ڪري ويو
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !
ھن نارا ھڻي جڳ جاڳ ڏني، ۽ عمر سڄي اھا آڳ ڏني
ھن ديس وندن کي دڳ ڏَسي، ھئي ويڙھيچن کي واڳ ڏني
ھن ھاڻن ھٿ مان کسي دسي، ميھارن کي ماڳ ڏني
سنڌ سڄيءَ ۾ فاضل، منشي، سانگين لئه سارنگ ڪري ويو
راھو ڪيڏا رنگ ڪري ويو . . !
25.2.1988