دوھا
ڪَڙين ڪَڙيل ڏسي ڪَڙھا ٿو پنھنجي قوم ڪروڙ
وانگيئڙن کي ويل ۾ ڏسندي ور ور پون ولوڙ
قوم جا ڪونڌر ڪيسن سُمھندين گھاٽي ڀنگ جي گھيرٽ ۾
صدين ستل انسان اٿي پيا ھر ھڪ آھي حيرت ۾
ڪارن گورن جنگ آ جاري جھر جھنگ ٻيلا ٻرن پيا
حق صدين جا قومي پنھنجا وڙھن، وٺن ۽ گھُرن پيا
ھر ھڪ ڀونءَ جا ڀاڳيا جاڳيا چورن ڀاڳين جاري جنگ
سنڌ سڄي ڄڻ گھوٽي گھاٽي پيتي بُوبڪ ڀنگ
ڌڻي ته ڌرتيءَ جو آ ھاري چور وڏيري چال ڏسو
ڪار ۽ بنگلو رھي ڪراچي ھاريءَ جا ھت حال ڏسو
ڪُتي ڪاھوجين، رھي راھوجين، بھي باھوجين، ڇو ته ڀلا
اھڙي عادت سان ھي جت ڪٿ کائي پيئي روز کلا
رڻ کان وڏيون راتيون ھت ۽ ڏونگر جيڏا ڏينھن ھتي
گھاريا ويٺو آس انھيءَ تان وسندا محبت مينھن ھتي
اُڀ ڌڻي جي آسري توکي ڪيڏا صديون سن سال ٿيا
پاڻ تي ڀاڙيو جن ڀي ماڻھن تن جا عجب احوال ٿيا
اُٿ، اُٿ ھاڻي اُڀ پراڻو ڊاھي اڏيون نئون نڪور
ڏاڍ جبر جو جنھن جي ھيٺان رھي نه منشي ھورا کور
1977ع سينٽرل جيل ڪراچي