بيت
اُميدون انبار، مارو کڻي من ۾
ٻُڌندڙ کي ٻڌائيون ٿي، سورن سماءَ چار
ماندو سدا مدد لئه، پنھنجي پھچ اَھار
بانڪي کنيا بار، سانگين سوراتن جا . .!!
جن جو ڪوئي ڪونه، انھن تنھنجو آسرو
انھن جي تو اندر ۾، اٺيئي پھر اون
انھيءَ عمل ڇو نه، ھند، سنڌ ھاڪ تو . !!
مرد تنھنجون مجلسون، ناھن وسارڻ وس
جيئن ڪو ابر اڃين تي، وسي ڪري وس
راحت ھر ڪنھن روح لئه، تو رھاڻيون رس
اھڙا ماڻھو مس، صدين آھن سرجندا . !!
ڏٺيون ساري ڏيھه، مڙسيون تو مٿير جون
سلھاڙيل ساھ سانگين سين، جيئن روپي کي ريھه
ڇنڻ ڪرڻ ڇيھه، مُور نه تو منھن تي . .!!
فاضل ٿي فرھاد، ٽڪر ٽورڻ آئيو
دليري ۽ دانائي ۾، ٿي دشمن ڏنو داد
فڪر ۽ فرياد، سدا تو سانگيين . .!!
دودي ڏنو داد، راھو تنھنجي رت کي
فاضل زنده باد، سنڌ ڄڻي پئي سورما . . !!
راھو تنھنجي رت ۾، مينديءَ جي مھڪ
ڪيڏا ھي ڪٽڪ، لٿا تنھنجي لوءِ تي . .!!
رعيت راھوءَ کي ڏٺو، ڇَڙي ۽ ڇنڊي
وِرھ ويڙھيچن جا، ورتا ھن ونڊي
مانڊين منڊ منڊي، ڪُٺو ڪونڌر قوم جو . !!