ڪارو ناڻو
ڪيڏو ڪراچي اوڳاڇيو ڏس، ڪاريءَ رات ۾ ڪارو ناڻو
ڏاڍو سستو پيٽ بکايل، سانگيئڙن جو ست وڪاڻو
ھي ناڻو، ناڻو ڪين اٿيئي پر، پورھيتن جو رت اٿيئي
ھي انگ اگھاڙن انسانن تن، سانگيئڙن جو ست اٿيئي
اي سيٺ وڏيرا ڌاڙيلا تو، لوءِ لٽي لعنت اٿيئي
ڀاڳيا جاڳيا ٿڏي ڇڏيندا، ٿرٿل ۾ تو ٿم ۽ ٿاڻو
اڄ به ڪُوڻي گل کان ڪُونئرا، ڪيئي ٻاريا ٻار ٻَرن
اڄ به ھڪڙي حب جي لاءِ، ماروئڙا ڪئين مفت مرن
اڄ به ليکو ناھي لَکن ھت، لنگھڻ ڏينھڙا لنگھيو وڃن
اڄ به اڻ کٽ انسان اھڙا، جن جي گھر ۾ اَنَ نه داڻو
اَجھي، اٽي لئه اڄ به ڪيئي، وانگيئڙا ڏس واھن ۾
اڄ به نانگا نيرانا ڪئين، ٻار ٻانھياريءَ ٻانھن ۾
ڳڀي ڳڀي لئه ڳوٺاڻا ڪئين، اڄ به دربدر دانھن ۾
اڄ به ھاري سنڌ سڄيءَ جو، سورن ۾ ڏس ساڻو ساڻو
اندر تن جا اھڙا جھڙا، ڳاڙھا ٽانڊا ڌوڌ ڌڳن
راتيون جن جون رڙندي گذرن ڏينھان جن کي ڏنگ ھڻن
پِيءَ ويا پيءِ ويا پورھيتن جو، رھزن سارو رت رڳن
گنھگھر گھارين روز گھمي پيو، گھر گھر ۾ تن گھاڻو گھاڻو
چورن چوڏھن طعام تيار ۽ ڀاڳين چڙھيو ڪين ڪُنو
ڪٿي ڀُڳن جا ڀاڃوڙا ڪنھن، پيٽ نه ڀريو اڌ مُنو
کير ڦڙي لئه ڪنھن جو ٻچڙو، رات سڄي ٿي رت رنو
رت پياڪو، رھزن ھت ڙي، سڏجي سڀ ڪو سيٺ سياڻو
منشي ھڪ ڏينھن مارو اٿندا پوري مونکي آھي پڪ
ڏينھن ڏھاڙا آھن ڏکيا جھانگيئڙن تي جھولا جَھڪ
ٽڙ ٽڙ ھي ماڙيون ڪِرنديون ، لال لتوڙي ايندا لَڪ
آس انھيءَ ۾ قيد ڪٽيان پيو ڄاڻ ھي آگم آگ اجھاڻو
1977ع
ڪراچي جيل