شاعري

ڇپر، ڇمر، ڇانورو

ابراھيم منشي سنڌ ڌرتي ۽ سنڌي قوم سان ھيڏي ساري محبت ۽ اٿاھ عشق، ھيڏي ساري قربانين، سالن جا سال جيل ۾ رھڻ ۽ ڪيتري ساري قومي شاعري ڪرڻ جي باوجود ڪٿي به ڪڏھن به اھا دعوى نه ڪئي اٿس ته آئون وڏو شاعر آھيان پر اھڙو اظھار ڪڏھن اشاري ۾ نه ڪيو اٿس. ھن جو مقصد ھو ته ٿوري به شاعري ڪجي پر سٺي ۽ سچي شاعري ڪجي جنھن ۾ مصلحت پسندي جو ڪو جُز به نه ھجي.
ٿورائتا آهيون پياري دوست، سنڌ سلامت جي مانواري ميمبر، بدين سان تعلق رکندڙ شاهنواز ٽالپر جا جنهن ڪتاب ڪمپوز ڪري سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ پيش ڪرڻ لاءِ موڪليو.
Title Cover of book ڇپر، ڇمر، ڇانورو

شھيد فيض محمد ٽالپر جي ياد ۾

شھيد فيض محمد ٽالپر جي ياد ۾

نرالو پيو نقشو ھِئين منجھه ھُري
اھو وقت ساعت پيو سيني سرُي

سِٽاءُ ھُئي ته ڪيئن سرزمين ٿئي سُکي
گھريو رت جڏھن ھن چُکي با بُکي
ڏنو فيض محمد سا ڏسندي بُکي
اُتي سَو اڀري پيا سُورج مکي
اڃان رت سندو ريج سنڌوءَ گھري .. !!

صدين کان ڏيڻ رت سنڌي ريت آ
ڏنو رت جنھن قوم تنھن جيت آ
دنيا جي اھو ھر گلي گيت آ
اھا ريت ئي قوم سان پريت آ
نه ڦُربو وٺي جو ڦٻايل ڦُڙي . .!!

شھادت جو شربت پيئن رُوح پاڪ
مڃائي مجاھد ويا ڌرتيءَ تي ڌاڪ
آڻين سِر اڏيءَ تي پرھ جا پياڪ
مليو فيض کان فيض ئي منجھه فراق
گھري سِر ٿو ٻيجھل پيو چنگ چُري . . !!

جسم جان ڇيرن ٿي ڇڏيا ڇِني
نه ورتئون حياتي پلڪ ھڪ پِني
ڏنئون رَت جنھن تي سا ڀيڻي ڀِني
سُتي سُورھيائي ھئي ڏاھن ڏَني
تنين جي تراڙي ڪو ترندو تري . .!!

وري اڄ وطن تي نئون واءُ وريو
اي وارث وطن جا اٿي ڪجھه ڪريو
سُوئر ٿا وڃن سنڌ سيڙھا چريو
اٿو سِر سنڀايو ڪريو ٿا ڀريو
لاھيو ڪَٽ قلب تان کاھوڙي کُري . . !!

ھتي ھر قدم تي بلا ئي بلا
ڌڻين تي ھتي ڌارين جا کلا
سَري سانگين ھاءِ گھوڙا الا
ھتي ھر قدم ڪربلا، ڪربلا
سوين فيض محمد ٿي سنڌوءَ گھري . . !!

گھڻا موت ماريا ھي ويو موت ماري
فڪر فيض محمد ويو سوڍن سيکاري
نه تاريخ ھي موت “منشي” ميساري
چوان پيو سڀني کي پوڪاري پوڪاري
کٽي آڻي کنھبو رکيو آ ڇُري . . !!
16.2.1980ع