بيت
ڪولھي، ڀيل ڪاوڙيا، ڏاڍو مٿي ڏاڍ
فاضل ساڻ فراڊ، ڪھاڙي ڪيڏو ڪيو . !!
ڪار مُنھان اي ڪاريا، ڪيئن رجايئي رُڪ
سِڌو ٿئين نه سِراڻ ڏي، چيلھه پونئي چُڪ
لوءِ سڄي تان لُڪ وَسائي ويھي رھين . .!!
راھو رتو ڇاڻ، وھنجي ويس وجود
سنڌوءَ کي سجود، ڪندي ويو قرب مان .!!
راھو سڄي راڄ جو، روُحان ھو راکو
ڦلاڻي لاکو، سر ڏيئي ويو سنڌ تان .!!
ويڙھيچن واڪو ڪري، رُنو رڳو رت
آھي ڪنھن ۾ سَت، جو وڙھي ويڙھيچن لئه
فاضل ٿي فرھاد، ٽَڪر ٽوڙڻ آئيو
سَين ھنيائين سنڌ جي، اُوچي ڪنڌ آزاد
وڄي پئي وير جي، نگري نگري ناد
فاضل جو فولاد، عزم اباڻن سان . !!
راھو تنھنجو رت ، ڌرتيءَ کي ڌوئي ويو
پوري تون پاري وئين، پنوھارن سان پت
تنھنجي طريقت، ماڻھن کي موھي وئي . !!
کلي ڇپر کٽ، راڻي راھوءَ کي چيو
ھلي آ تون ھيج مان، سُورھ پُٽ سمٽ
جنھن تو ڄائو ماءُ آ، تنھن تي سونو ڇٽ
گھوڙا، ھھڙا گھٽ، پُٽ ڄڻينديون پدمڻيون .!!
فاضل جي فراق، متيون مون منجھائيون
چارئي پھر چِت ۾، چُريو چُرن چاڪ
ڌرتيءَ مٿي ڌاڪ راھو تو رھندي سدا .!!
راھوءَ ، جون رھنديون، ساروڻيون سرير ۾
سِڪون نه تنھنجون، سورما، لوڪ ڏٺي لھنديون
وِرھ ۾ وھنديون، اکيون امڙ سنڌ جون .!!