ڪافي
وساريان نه وسرن، راھوءَ جون رھاڻيون
جنھن سنڌ جي سڏ تي، گھوريا پُٽ نياڻيون
ونھين ويڙھيچن سان، ورھن کان وراڪو
رھيو ھو راھوءَ جو، ته ڌارين تي ڌاڪو
مانجھيءَ جي مرڻ جو، ھو وڻ وڻ ۾ واڪو
لکي ڇا لکان مان، تنھن ڪونڌر ڪھاڻيون . !!
وڙھيو ٿي ويرين سان، ھي بانڪو بھادر
ھيڻن ھارين لئه، ھڪل ساڻ حاضر
جبل جيئن جوڌو، بيٺو ھو برابر
اھڙو جوان جاني، ڪٿان ھاڻ آڻيون. .!!
مُھاڏن، مُھاڏا، مُڙيو ڪين مانجھي
پتڻ ھو پنوھارن ، وڏو ونجھه وانجھي
نه ٻيڙي ٻاٻاڻن ، لاکيڻي ڪئي لانجھي
مٿيري، مرڪايون ملاحن مياڻيون . .!!
وانگيئڙن جو وارو، وڏو وڙ وڙاتو
سماجي ستايل، تنين نينھن ناتو
پڪي پھه پنوھارن ، سان جنھن پيچ پاتو
روئن رت راھوءَ لئه ھاري ۽ ھارياڻيون . .!!
ڪڍيو ڪنڌ نه ڪُونڌر، پسي جيل جايون
مٿيري مٿي تي، وانگين لئه وَسايون
سچا سانگين سان، جنھن جا سڱ، سگايون
اچو گڏجي منشي، سندس تند تاڻيون . .!!